ملڪ ۾ هلندڙ برساتن سبب فوتين جو انگ 31 ٿي ويو، هيٺاهين وارا علائقا ٻڏي ويا

ڪراچي (نمائندن وٽان) اين ڊي ايم اي موجب تازين بارشن ۾ فوت ٿيندڙ جو انگ 31 آهي،ڪوئلي جي کاڻ ۾ فوت ٿيل 5 مزدور به شامل آهن، ملڪ ۾ هلندڙ برساتن سبب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو. قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ واري صوبائي اداري پي ڊي ايم اي موجب برساتن سبب بلوچستان ۾ 17 جڏهن ته ٽانڪ ضلعي ۾ هڪڄڻو فوت ٿيو آهي. اداري موجب ٽانڪ ضلعي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 2 ٻارن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿيا. ٻي طرف ريسڪيو 1122 جي اختيارن موجب ڪي پي ڪي جي علائقي مردان ۾ هڪ جڳهه ڪرڻ سبب 4 ڄڻا زخمي ٿيا. بي بي سي جي نامه نگار محمد ڪاظم چيو آهي ته بلوچستان ۾ فوت ٿيندڙ 17 ڄڻن مان 5 ڄڻن جي فوت جو واقعو گذريل ڏينهن ڪوئٽه شهر کان 50 ڪلو ميٽر پري پشين ۾ پيش آيو. پشين ۾ ليويز فورس جي هڪ اهلڪار ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪلي حاجي زعي ۾ برسات سبب هڪ گهر جي ڇت ڪري پئي جنهن سبب هڪ ئي خاندان جا 5 ماڻهو فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿيا،فوتين ۾ 3 مرد،1 عورت ۽ هڪ ٻار شامل آهن. قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ واري اداري پي ڊي ايم اي موجب بلوچستان ۾ وڌيڪ 2 کان 3 ڏينهن تائين تيز برساتن جا امڪان آهي. تيز برساتن سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. ندي نالن ۾ برسات جي پاڻي سبب علائقن مان ڪيترائي ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري ويا قبائلي علائقن جو ملڪ جي ٻين حصن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو، ضروري شين جي کوٽ ٿي وئي، جنهن سبب ماڻهو سخت پريشاني کي منهن ڏيندا رهيا شاهراهه قراقرم به بند ٿي وئي جڏهن ته موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪوئيٽا، زوب ۽ قلات ڊويزن ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائون ۽ وڄ سان گڏ برسات پوڻ جو امڪان آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *