ايف آءِ اي کنيل فائل واپس نه ڪيا ته ڦر جو ڪيس داخل ڪيو ويندو: وڏو وزير جو چتاءُ

سکر (بيورو) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته اي ڊي خواجا جي آءِ جي سنڌ طور مقرري سنڌ حڪومت جي مشوري تي ٿي آهي، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪم ۾ مداخلت ناهي ڪئي تڏهن ئي سنڌ ۾ ڪاميابيون مليون آهن ۽ ڏيڍ سال دوران ڪراچي ۾ هڪ به دهشتگرديءَ جو واقعو نه ٿيو آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سکر پريس ڪلب ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو، ان موقعي تي وزيراعليٰ سنڌ سکر پريس ڪلب لاءِ اعلانيل 50 لک رپين جو چيڪ  پريس ڪلب جي عهديدارن حوالي پڻ ڪيو. وڏي وزير پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پوليس ۽ رينجرز آپريشن دوران ڪراچي ۾ هزارين ماڻهو گرفتار ڪيا، پر موجوده سرڪار ان ۾ ڪڏهن به مداخلت نه ڪئي تڏهن ئي آپريشن ڪامياب ٿيو آهي. هن چيو ته ايف آءِ اي روينيو ۽ ڪي ايم سي آفيسن ۾ ڪارروائي ڪري ٽرڪ فائيلن جي کڻي وئي، جيڪي احتجاج باوجود اڃا تائين واپس ناهن ڪيا ويا. وزيراعليٰ سنڌ چيو ته هُن وزيراعظم آڏو احتجاج ڪيو آهي ته سنڌ جو ڏوهه يا گناهه ڪهڙو آهي جو وفاق جي ادارن سنڌ تي ڪاهه ڪئي آهي، اهو تاثر بلڪل غلط آهي ته ڪرپشن ۽ بدامني رُڳو سنڌ صوبي ۾ آهي، رشوت جي خاتمي لاءِ صوبا بااختيار آهن جنهن لاءِ سنڌ ۾ اينٽي ڪرپشن کاتو ايماندار چيئرمين ممتاز علي شاهه جي قيادت ۾ بهتر ڪم ڪري رهيو آهي. آئين جي آرٽيڪل 147 تحت وفاق جي ڪنهن به اداري يا آفيسر کي سنڌ ۾ قدم کڻڻ کان اڳ سنڌ سرڪار کان اجازت وٺڻي آهي، پر آئين جا بکيا اُڊيڙي سنڌ جي هلان ڪئي وئي آهي، اسين تڪرار سان نه پر قانون مطابق خدمت ڪرڻ گهرون ٿا. وزيراعليٰ چيو ته شڪارپور امام بارگاهه ۽ جيڪب آباد ماتمي جلوسن تي ٿيل حملن جا جوابدار ۽ ماسٽر مائينڊ ٻن ٻن هفتن ۾ گرفتار ڪيا ويا، جن جا ڪيس ملٽري ڪورٽس ۾ اماڻيا ويندا، ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ امن امان تي ضابطو آندو ويو آهي، دهشتگردي، ڀتا خوري، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جي وارداتن کي روڪيو ويو آهي جنهن ۾ رينجرز ۽ پوليس جو ڪردار اهم آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت صوبي جي آمدني ۾ رڪارڊ واڌ ڪئي آهي ۽ ايندڙ سال اسين سيلز ٽيڪس آن سروسز جي مد ۾ 60 ارب رُپيا ڪمائيندا سين جنهن حساب سان صوبي جي ترقي ڪرڻ گهرون ٿا. وزيراعليٰ سنڌ چيو ته بدقسمتيءَ سان ڪجهه سببن ڪري آدمشماري پٺتي ڪئي وئي آهي، اسين پٺتي نه هٽندا سين ۽ هر حال ۾ آدمشماري ٿيندي، سنڌ حڪومت صوبن ۾ ناڻي جي ورڇ گهڻ رخي بنيادن تي چاهي ٿي. وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه سکر پريس ڪلب جي آڊيٽوريم ۽ عمارت جو رهيل ڪم مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ ان لاءِ رقم رکي ويندي، جڏهن ته پراڻي سکر ۾ صحافي ڪالوني لاءِ پلاٽ پڻ ٺيڪ ڪرائي ڏنو ويندو. تقريب کي خطاب ڪندي قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته ميڊيا پنهنجي ڪارڪردگي ۽ ترقي سان ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته ملڪي بهتري ۾ ميڊيا هڪ ٿنڀي جي حيثيت رکي ٿي. هن چيو ته سکر پريس ڪلب جو سنگ بنياد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 1962 ع ۾ رکيو، سکر جا صحافي سهڪاري آهي، پيپلزپارٽي جو ميڊيا سان رشتو اڻ ٽٽ آهي. هن چيو ته هو چاهي ٿو ته سکر پريس ڪلب پاڪستان جي نمبر ون پريس ڪلب بڻجي ان جي ترقي ۾ سهڪار جاري رکيو ويندو. تقريب کي سکر پريس ڪلب جي صدر جان محمد مهر ۽ لالا اسد پٺاڻ پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته ايم اين اي نعمان اسلام شيخ، صلاحڪار ڊاڪٽر ارشد مغل، لعل بخش منگي، مشتاق سرهيو، ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *