ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ متعلق جمشيد دستي جو بل رد ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ بابت جمشيد دستي جو بل رد ڪري ڇڏيو اڱاري تي قومي اسيمبلي ۾ جمشيد دستي آئين جي آرٽيڪل هڪ ۾ ترميم متعلق بل پيش ڪرڻ جي اجازت گهري ۽ چيو ته ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ ضروري آهن پنجاب اسيمبلي ڏکڻ پنجاب جي نالي سان نئون صوبو ۽ خيبر پختونخواهه اسيمبلي هزارا جي نالي سان صوبو ٺاهڻ جون قراردادون منظور ڪري ڇڏيون آهن ملڪ آڏو جيڪي مسئلا آهن انهن جو واحد حل نوان صوبا ٺاهڻ آهي تنهنڪري هن بل کي ايوان ۾ پيش ڪيو وڃي اسپيڪر سردار اياز صادق وفاقي وزير زاهد حامد کان بل ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي حوالي سان پڇاڻو ڪيو جنهن تي وفاقي وزير ان جي مخالفت ڪئي اسپيڪر بل متعلق راءِ شماري لاءِ هن ايوان ۾ بل پيش ڪيو ته ايوان ان کي رد ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *