ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ، عورت سميت 4 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ فائرنگ جي مختلف واقعن ۾ هڪ عورت ۽ سياسي پارٽي جي ڪارڪن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا، سائيٽ جي علائقي فرنٽيئر ڪالوني ۾ سياسي پارٽي جي ٽن ڪارڪنن شاهد، مجيد ۽ نيڪ محمد سوڌو ٻيا ماڻهو هڪ سياسي پارٽي جو جهنڊو لڳائي رهيا هئا ته موٽرسائيڪل تي سوار جوابدارن فائرنگ ڪري ٽنهي کي زخمي ڪري وڌو جن مان نيڪ محمد اسپتال پهچندي فوت ٿي ويو، جوابدارن ويندي ويندي هڪ ڪريڪر به اڇلايو منگهو پير ۾ نيا ناظم آباد واري علائقي ۾ فائرنگڪري هڪ ڄڻي کي قتل ڪيو ويو جڏهن ته نيو ڪراچي جي بلاول ڪالوني ۾ فائرنگ سبب هڪ شخص مارجي ويو ايس ايس پي سينٽرل نعمان صديقي موجب مارجي ويل شخص گهربل جوابدار آهي ۽ ڦر دوران هڪ شهري جي گولي لڳڻ سبب مارجي ويو شاهه فيصل ڪالوني ۾ به فائرنگ سبب هڪ عورت فوت ٿي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *