ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي دهشتگردي جاري آهي: سراج الحق

لاهور(م.ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته معاشي ۽ سياسي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هر طبقي کي ٻاهر نڪرڻو پوندو. لاهور ۾ جماعت اسلاميءَ رڪشا ريلي ڪڍي، جنهن جي اڳواڻي سراج الحق ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي دهشتگردي جاري آهي. هن چيو ته معاشي دهشتگردن ادارا تباهه ڪري ڇڏيا، ٻارڙا به قرضي بڻجي چڪا آهن. سراج الحق چيو ته جاگيردار، سيڙپڪار ۽ سهولتڪار طبقي طاقت جي ايوانن تي قبضو ڪيوآهي. سندس چوڻ هو ته سياستدانن ايوان تائين پهچڻ بعد عوام کان منهن موڙين ٿا. سراج الحق چيو ته مزدور پنهنجي مسئلن جو حل چاهين ٿا ته پنهنجي ساٿين کي اسيمبلين تائين پهچائين. جماعت اسلامي جي امير چيو ته سندس پارٽي غريبن ۽ پورهيتن سان گڏ آهي. هن چيو ته عدالتي ڪميشن بڻجڻ بعد تحريڪ انصاف کي پارليامينٽ ۾ اچڻ گهرجي. سراج الحق چيو ته حڪومت کي هاڻي واعدا پورا ڪرڻ گهرجن، واعدا پورا ٿيا ته ڳالهه اڳتي وڌندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *