سنڌ جي وڏي وزير ٽمبر مارڪيٽ ڪراچي ۾ لڳل باهه جو نوٽيس وٺندي فوري طور تي رپورٽ طلب ڪري ورتي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ٽمبر مارڪيٽ ڪراچي ۾ لڳل باهه جو نوٽيس وٺندي فوري طور تي ان جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. هن ڪراچي جي ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته اهي ان واقعي جي جاچ ڪن ته باهه لڳڻ جا ڪهڙا سبب هئا ۽ باهه ايڏو ڇو پکڙجي وئي. هن واسطيدار انتظاميه کي اها به هدايت ڪئي ته شهر ۾ ڪنهن به ان قسم جي اوچتي صورتحال پيدا ٿيڻ جي صورت ۾ فوري طور تي ريسڪيو ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ته جيئن صورتحال تي فوري ضابطو آڻي سگهجي. وڏي وزير ٽمبر مارڪيٽ ۾ باهه لڳڻ جي واقعي تي دلي ڏک جو اظهار ڪندي متاثرن سان دلي همدردي جو به اظهار ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *