ملڪ ۾ دهشتگردن کي ڪٿي به پناهه لاءِ جاءِ نه ملندي: وزيراعظم

لاهور(م.ڊ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري قوم، حڪومت ۽ ملڪ ۾ سمورا ادارا هڪ صف تي موجود آهي، دهشتگردن کي ڪٿي به پناهه لاءِ جاءِ نه ملندي، جاتي امرا رائيونڊ ۾ وزيراعظم نواز شريف سان پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ملڪ ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ان موقعي تي ٻنهي سياسي اڳواڻن دهشتگردن خلاف سخت ۽ تيز ترين ڪارروايون جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري قوم، حڪومت ۽ ملڪ جا سمورا ادارا هڪ صف تي موجود آهن، پاڪ فوج ضرب عضب ۾ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، وطن ۾ دهشتگردن کي ڪٿي به پناهه لاءِ جاءِ نه ملندي، ملڪ مان هڪ هڪ دهشتگردي جو خاتمو ڪري ان کي امن جو گهوارو بڻائينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *