ڪراچي: گلشن حديد لڳ آئل ٽينڪر جو مسافر بس کي ٽڪر، 59 مسافر سڙي فوت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ملير ويجهو هنيانءُ ڏاريندڙ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 59 مسافر سڙي فوت ٿي ويا، ڊاڪٽرن ڊي اين اي کانسواءِ لاشن جي سڃاڻپ کي ناممڪن قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ملير جي گلشن حديد واري علائقي کان شڪارپور ويندڙ مسافر ڪوچ ۽ آئل ٽينڪر ۾ سپر هاءِ وي وٽ ڪاٺوڙ لنڪ روڊ وٽ زوردار ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ مسافر ڪوچ کي باهه لڳي وئي، جنهن سبب معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت 59 مسافر سڙي فوت ٿي ويا،جڏهن ته بس جي ڇت تي ويٺل 12 مسافر زخمي ٿي پيا. هنيانءُ ڏاريندڙ حادثي کانپوءِ بچي ويل مسافرن ۾ رڙيون پئجي ويون ۽ زخمي ڪيتري ئي دير تائين روڊ تي تڙپندا رهيا. حادثي جي نتيجي ۾ حياتيون وڃائيندڙن ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 8 ڄڻا آدم، خورشيد، خالده، عمراه، ثريا، خديجا، احمد علي، امتياز علي ۽ ٻئي ڪٽنب جون ٽي عورتون حسنا، جميلا ۽ جويريا به شامل آهن. اکين ڏٺن شاهدن موجب بس ۾ 60 کان 70 مسافر سوار هئا. اطلاع ملڻ بعد ريسڪيو ٽيمن پهچي سڙي فوت ٿي ويل مسافرن جا لاش کڻائي جناح ۽ عباسي شهيد اسپتال پهچايا، جيڪي ضروري ڪارروائي بعد سڃاڻپ لاءِ سرد خاني ۾ رکرايا ويا آهن. پنهنجي پيارن جا لاش سڃاڻڻ لاءِ فوتين جا مائٽ پڻ اسپتالن ۾ پهتا، جڏهن ته ان موقعي تي انتهائي ڏکوئيندڙ منظر پڻ ڏسڻ ۾ آيا. جناح اسپتال جي انتظاميا 59 لاش پهچائڻ جي تصديق ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر سيمي جمالي ٻڌايو ته جناح اسپتال ۾ پيل 59 لاش مڪمل طور سڙيل آهن، جن جي سڃاڻپ ڊي اين اي ٽيسٽ کانسواءِ ممڪن ناهي. هن چيو ته لاشن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ۾ هڪ هفتو لڳي سگهي ٿو. ٻئي طرف ٽرانسپورٽ واري وزير ممتاز جکراڻي جناح اسپتال پهچي حادثي جي زخمين جي عيادت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير ممتاز جکراڻي چيو ته خراب روڊ هجڻ ڪري حادثو پيش آيو،اسٽيل ٽائون انتظاميه وقت سر فائربرگيڊ موڪلي ها ته ايڏو وڏو نقصان نه ٿئي ها، جاچ مڪمل ڪري رپورٽ وڏي وزير کي ڏني ويندي. هوڏانهن ڊي آءِ جي اوڀر منير شيخ جو چوڻ هو ته حادثي بعد گاڏي جو دروازو نه کلڻ سبب وڌيڪ جاني نقصان ٿيو. آخري اطلاعن تائين سنڌ سرڪار توڙي ڪراچي انتظاميا حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن توڙي زخمين لاءِ ڪنهن امداد جو اعلان نه ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *