ملڪ ۽ قوم جي ترقي جمهوريت ۽ ان جي مضبوط ٿيڻ سان مشروط آهي: نواز شريف

لاهور (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ملڪ ۽ قومي جي ترقي جمهوريت ۽ ان جي مضبوطي سان مشروط آهي جلد عوامي رابطا مهم جو سلسلو شروع ڪيو ويندو، عام چونڊن ۾ عوام جنهن پارٽي کي وڌيڪ ووٽ ڏيندو ان جي حڪومت ٺهندي، اسان سازشن ۽ رنڊڪن پوڻ جي باوجود پنهنجي ڪارڪردگي مان مطمئين آهيون، اهڙن خيالن جو اظهار هن جاتي امرا ۾ ڪارڪنن سان گڏ جمعي جي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي، ان موقعي تي بيگم ڪلثوم نواز جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ گهري وئي، جمعي جي نماز کانپوءِ نواز شريف ڪارڪنن سان ملندو رهيو، نواز شريف چيو ته گڏ هلڻ لاءِ تيار آهيون جنهن تي سڀني جوش جذبي ۽ محبت جو اظهار ڪيو، هن چيو ته ووٽ جو تقدس بحال ڪرايو ويندو، عوام ڄاڻي ٿو ته هڪ چونڊيل وزيراعظم کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڏني وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *