پي ايس ايل ٿري جو فائنل: وڏي وزير طرفان پوليس کي فل ڊريس ريهرسل جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي جا شهري پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيزن ٿري جا مئچ ۽ فائنل ڏسڻ لاءِ پرجوش ۽ خواهش مند آهن. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته بين الاقوامي ڪرڪيٽ ڪراچيءَ ۾ موٽي اچي ۽ هر لحاظ کان ان ايونٽ کي تاريخي بڻايو ويندو. هن اها ڳالهه اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين نجم سيٺي سان ملاقات دوران ڪئي. ملاقات ۾ پي ايس ايل ٿري جي فائنل کي ڪراچيءَ ۾ ڪرائڻ بابت معاملن تي غور ويچا ڪيو ويو ۽ مئچ جي سڪيورٽي لاءِ پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. انهيءَ ملاقات ۾ پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي سان گڏ سندس سڪيورٽي ٽيم پڻ گڏ هئي، جڏهن ته انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ اي ڊي خواجا، گهرو سيڪريٽري شاهد پرويز، ڊپٽي ڊي جي رينجرز برگيڊيئر ناصر، ايڊيشنل آءِ جي پوليس ڪراچي مشتاق مهر، ڪمشنر ڪراچي اعجاز علي خان ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر به شريڪ هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پي سي بي چيئرمين کي ڪراچيءَ ۾ پي ايس ايل فائنل جي سڪيورٽي جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو. هن چيو ته هر لحاظ کان پي ايس ايل ٿري کي تاريخي بڻايو ويندو. نجم سيٺيءَ چيو ته ڪراچيءَ جي امن بحال ڪرڻ ۾ اوهان (سيد مراد علي شاهه) جو اهم ڪردار آهي. وڏي وزير آءِ جي پوليس ۽ ڊپٽي ڊي جي رينجرز کي فل ڊريس سڪيورٽي ريهرسل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ هن چيو ته فل ڊريس ريهرسل سان بين الاقوامي ڪرڪيٽ مئچن لاءِ اعتماد پيدا ٿيندو. هن آءِ جي پوليس هدايت ڪئي ته ايندڙ ٽيهن ڏينهن اندر اسٽيڊيم ۾ فل ريهرسل ڪئي وڃي. هن چيو ته اسانجي سڪيورٽي انتظامن ڪري بين الاقوامي ڪرڪيٽ جو اعتماد وڌيڪ بهتر ٿيندو. هن چيو ته مان اهو چوڻ چاهيان ٿو ته صوبائي حڪومت ڪجهه ڏينهن اڳ ڪاميابي سان ٻه اهم ايونٽس جي فول پروف سڪيورٽي فراهم ڪئي آهي، ان ۾ سيدنا مفضل سيف الدين جي محرم واريون مجلسون ۽ ٻيو پرنس ڪريم آغا خان جو دورو آهي ۽ هاڻي اهو ايونٽ تمام سٺي ريت منعقد ٿيندو. نجم سيٺيءَ وڏي وزير کي ٻڌايو ته هُو ڪجهه آرمڊ وهيڪلز يا بلٽ پروف گاڏيون رانديگرن کي ايئرپورٽ کان هوٽل ۽ اسٽيڊيم آڻڻ لاءِ استعمال ڪيون وينديون ان جو انتظام ڪيو وڃي، جنهن تي وڏي وزير آءِ جي پوليس کي ٻه بلٽ پروف بڪتربند بسون خريد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هن چيو ته بڪتربند بسن جو معيار بين الاقوامي هئڻ گهرجي. هن آءِ جي پوليس کي پي سي بي سڪيورٽي ٽيم سان گڏ ان بابت ضروري مشاورت ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وڏي وزير نجم سيٺيءَ کي چيو ته اسان ڪراچيءَ ۾ بين الاقوامي ڪرڪيٽ واپس آڻڻ چاهيون ٿا ان لاءِ اسان جيڪي اوهان چاهيندا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. نجم سيٺيءَ وڏي وزير کي ٻڌايو ته اسٽيڊيم جي مرمت جو ڪم جاري آهي، جنهن تي آءِ جي پوليس اي ڊي خواجا صلاح ڏني ته ايس ايس پي سڪيورٽي کي به پي سي بي ٽيم ۾ شامل ڪيو وڃي جيڪو مرمتي ڪم جو ذميوار هوندو. ايس ايس پي سڪيورٽيءَ ورڪ ٿرو گيٽس، سي سي ٽي وي ڪئميرا کي لڳائڻ، داخلي ۽ خارجي رستن جي سڪيورٽي ضرورت تحت تعمير جي تجويز ڏني. اجلاس ۾ ايس ايس پي سڪيورٽي کي مرمتي ڪم ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ سيزن ٿري جو فائنل مئچ 25 مارچ 2018ع تي نيشنل اسٽيڊيم ڪراچيءَ ۾ کيڏيو ويندو ان سلسلي ۾ تياريون شروع ڪيون ويون آهن. نجم سيٺيءَ وڏي  وزير جي ڪراچيءَ ۾ امن جي بحاليءَ وارين ڪاوشن جي ساراهه ڪندي چيو ته اوهان پنهنجو فرض بخوبي ۽ ڪاميابيءَ سان ادا ڪيو آهي. وڏي وزير آءِ جي پوليس، گهرو سيڪريٽري ۽ پي سي بي ٽيم کي وڌيڪ فيصلن لاءِ هڪٻئي سان ويجهن رابطن جي هدايت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *