ملير ۾ اڳوڻو ڪائونسلر ڊرائيور سميت قتل، 3 لاش مليا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچيءَ جــَي ميمڻ ڳوٺ مان ٽن ڄڻن جا لاش هٿ آيا، جڏهن ته صالح ڳوٺ ۾ هٿياربندن جي ڪار تي فائرنگ سبب اڳوڻي ڪائونسلر سميت 2 ڄڻا مارجي ويا. پوليس موجب نيشنل هاءِ وي لنڪ روڊ تان ميمڻ ڳوٺ مان ٽن ڄڻن جا تشدد ٿيل لاش برآمد ٿيا. پوليس موجب ٽنهي ڄڻن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد ويجهي کان گوليون هڻي ماريو ويو آهي. مقتولن مان 2 پيرسن ۽ هڪ ڄڻي جي عمر 25 سالن جي لڳ ڀڳ ٻــُڌائي پئي وڃي. پوليس لاشن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي سڃاڻپ لاءِ ڀرپاسي واري اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف ملير جي صالح ڳوٺ ۾ هٿياربندن ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ اڳوڻي ڪائونسلر الهه بچايو ۽ سندس ڊرائيور مارجي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *