سنڌ هاءِ ڪورٽ آبادگارن کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تائين گذريل سال جو اگهه 172 ڏيڻ جي تجويز

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪمند جي 182 رپين واري اگهه بابت سپريم ڪورٽ جي حتمي فيصلي تائين آبادگارن کي گذريل سال وارو اگهه 172 رپيا ڏيڻ بابت تجويز ڏيندي شگر ملرز کان 6 مارچ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي… عدالت اهڙو حڪم سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر ۽ سنڌ آباد گار بورڊ پاران ڪمند جي 182 رپين واري اگهه تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ داخل ڪيل درخواست تي ڌرين جي وڪيلن جي تفصيلي دليل ٻڌڻ بعد ڏنو. عدالت پنهنجي حڪم ۾ سنڌ جي ڪين ڪمشنر کي پڻ ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪندي چيو آهي ته ڪمند جي اگهه بابت عدالت جي حڪم تي عملدرآمد ڪرائڻ سنڌ سرڪار جو فرض آهي، حڪومت جي وڪيلن کي شگر ملز ڏانهن ڏسڻ بجاءِ پنهنجو موقف اختيار ڪرڻ گهرجي. عدالت آبزرويشن ڏيندي چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ کنڊ جي اگهه ۾ ڪمي جو سڄو بار رڳو آبادگارن تي نه ٿو وجهي سگهجي. ان سان آبادگار تباهه ٿي ويندا. عدالت چيو ته کنڊ جو اگهه گهٽ هجڻ وارو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڪو ٻيو آپشن به ڳولي سگهجي ٿو… ان کان اڳ عدالت سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر جي ڊاڪٽر نديم قمر ۽ سنڌ آبادگار بورڊ پاران ڪمند جي اگهه تي عملدرآمد لاءِ داخل ڪيل درخواستن جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته سندن وڪيل سيد مريد علي شاهه ۽ حيدر شيخ چيو ته سنڌ ۾ گذريل سال 172 رپيا اگهه هو ۽ هلندڙ سال ان ۾ 10 رپين جو اضافو ڪيو ويو پر ان باوجود شگر ملون هن سال 155 رپين جي اگهه تي ڪمند خريد ڪري رهيون آهن.. هنن وڌيڪ چيو ته پنجاب، ڪي پي ڪي ۾ 180 رپين جي اگهه تي ڪمند خريد ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته انهن صوبن ۾ ۽ سنڌ ۾ کنڊ جو اگهه ساڳيو آهي پر ان باوجود سنڌ جون 25 شگر ملون اگهه ڏيڻ کان انڪاري آهن.. جنهن تي سنڌ جي اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل مصطفيٰ مهيسر چيو ته سنڌ سرڪار ڪمند جي 182 رپين واري اگهه تي عملدرآمد ڪرائڻ چاهي ٿي جنهن تي عدالت چيو ته توهان پاڻ اگهه مقرر ڪيو آهي ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ان جي بحال رکيو آهي جنهنڪري سنڌ سرڪار کي بنا ڪنهن دير جي عدالت جي حڪمن تي پاڻمرادو عملدرآمد ڪرائڻ گهرجي..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *