مقابلي ۾ ماري ڇڏيو پر ظلم نه ڪيو“ ڊاڪٽر عاصم حسين سڀ الزام رد ڪري ڇڏيا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ويجهي ساٿي ڊاڪٽر عاصم حسين پنهنجي مٿان لڳل سڀ الزام رد ڪري ڇڏيا آهن، ڊاڪٽر عاصم حسين کي سيڪيورٽي جي سخت پهري هيٺ ڪراچي ۾ دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي بيان قلمبند ڪرائيندي ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته هن ڪنهن به دهشتگرد جو علاج ناهي ڪيو، جهيڙو ڪنهن ٻئي جو آهي ۽ ڦاسايو مونکي پيو وڃي، سندس چوڻ هو ته هو دل جو مريض آهي،کيس مارڻ جون ڌمڪيون ڏينون پيون وڃن ۽ ڊيڄارييو پيو وڃي، جيڪڏهن مان مري ويس ته ان جو ذميوار هي نظام هوندو، سندس چوڻ هو ته مون تي مڙهيل ڪيس ڪوڙو آهي، مونکي مارڻو ئي آهي ته گولي هڻي ماري ڇڏيو ته معاملو ختم ٿي ويندو، ڊاڪٽر عاصم چيو ته منهنجي حياتي کي خطرو آهي، مون تي جاچ آفيسر تشدد ناهي ڪيو پر مونکي مقابلي ۾ ماريو ويندو، هن چيو ته مان بيڏوهي آهيان ۽ منهنجو محافظ الله پاڪ آهي، دل جو مريض آهيان، مونکي ڪڏهن ڊيڄاريو وڃي ٿو ته ڪڏهن لالي پاپ ڏني وڃي ٿي، ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته هي ماڻهو مونکي ڪچو کائي ويندا، مونکي ڀلي مقابلي ۾ ماريو وڃي پر ظلم نه ڪيو وڃي، ان موقعي تي ڊاڪٽر عاصم جي نياڻي به قسم تي بيان جمع ڪرايو، جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته سندس پيءُ جي حياتي کي خطرو آهي، ڊاڪٽر عاصم جو بيان ٻڌڻ کانپوءِ عدالت لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته کانئس قانون مطابق جاچ ڪئي وڃي، ان کانپوءِ عدالت ڊاڪٽر عاصم حسين کي 5 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *