هڪ ٻئي سان ڪاوڙ وڏو نقصان پهچايو آهي، سڀ اڳواڻ اختلاف وساري عام چونڊن جي تياري ڪن: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته قوم اسٽيٽس ڪو جي ڀيٽ ۾ تحريڪ انصاف کي متبادل طور ڏسي ٿي، پارٽي اندر چونڊن ذريعي ميرٽ تي قيادت اڳتي آندي ويندي، اسلام آباد ۾ پي ٽي آئي جي مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مڪاني چونڊن ۾ صوبائي حڪومتن جي مداخلت هوندي آهي، جڏهن ته تبديلي لاءِ عوام جون اميدون پي ٽي آئي ۾ آهن، هن چيو ته خيبر کان ڪراچي تائين سڄي قوم جون نظرون تحريڪ انصاف تي آهن، سندس چوڻ هو ته اسان بهتري لاءِ پارٽي چونڊون ڪرائينداسين ۽ نئين قسم جو نظام آڻينداسين، اسان يونين ڪائونسل، تعلقي ۽ ضلعي سطح تي منظم طريقي سان ڪم ڪنداسين، عمران خان جو چوڻ هو ته پاڻ ۾ ڪاوڙ وڏو نقصان پهچايو آهي، سڀ اڳواڻ پاڻ ۾ اختلاف وساري عام چونڊن جي تياري ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *