مصباح الحق سي اي او پي سي بي سان ملاقات ۾ شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا

 

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيت ٽيم جي ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق گذريل ڏينهن سي اي او پي سي بي وسيم خان سان ملاقات ۾ شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا آهن.هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق گذريل ڏينهن لاهور ۾ سي اي او پي سي بي وسيم خان سان ملاقات ڪئي. ذريعن ٻڌايو آهي ته ان موقعي تي قومي ٽيم جي ڪپتاني جو معاملو اٿاريو ويو. سريلنڪا سان هوم ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ ڪلين سوئپ کان پوءِ سرفراز احمد تنقيد هيٺ آيل آهي. مصباح به ان مان خوش ناهي پر مناسب متبادل نه هجڻ جي ڪري ڪنهن سخت فيصلي کان لهرائي رهيو آهي. مختصر طرز ۾ سرفراز کي برقرار رکڻ جا امڪان روشن آهن پر ٽيسٽ ۾ تبديلي جا وڌيڪ امڪان نٿا لڳن.ان حوالي سان حتمي فيصلو چيئرمين احسان ماني ڪندو. مصباح وسيم خان کي ٽيم ۾ فٽنس ڪلچر جي گهٽتائي، معياري اسپينرز ۽ آل رائونڊر جي کوٽ سميت ڪيترن ئي ٻين مسئلن جو به ٻڌايو.سي اي او کيس فيصلن جي لاءِ مڪمل اختيار ڏيندي کيس سپورٽ ڪرڻ جو يقين ڏياريو. ٻئي طرف ڪوچ طرفان فٽنس تي وڌيڪ زور ڏيڻ سان رانديگر پريشاني جو شڪار آهن. انهن کي لڳي ٿو ته حد کان وڌيڪ ٽريننگ سبب مختلف مسئلا سامهون اچي سگهن ٿا. ان لاءِ ڪيترن ئي رانديگرن سخت روٽين تي عمل ڪرڻ کان پاسو ڪري رهيا آهن جنهن تي مصباح الحق سخت ڪاوڙيل آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته سريلنڪا کان غير امڪاني شڪست سبب ڪوچ  سخت دٻاءُ جو شڪار آهي. پريس ڪانفرنس ۾ ان جي  رويي  مان به صاف نظر اچي رهيو هو. هن کي لڳي ٿو ته آسٽريليا ۾ به ٽيم جي سوڀ جا وڌيڪ امڪان ناهن. اهڙي صورتحال ۾ ڪجهه نون رانديگرن کي موقعو ڏيڻ گهرجي ته جيئن تنقيد جو سلسلو گهٽ ٿئي. بورڊ اختياريون به مصباح جي ان راءِ سان متفق نظر آيون آهن. اهڙي ۾ ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ بهتر پرفارم ڪندڙ رانديگرن جي قسمت چمڪي سگهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *