سرفراز سوالن کان پريشان، ڪپتاني کان جواب، صحافي جي انٽري بند

 

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد سان بدتميزي ڪندڙ صحافي جو ايڪريڊيشن ڪارڊ رد ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن سرفراز احمد صحافين جي رويي تي ڏکارو ٿي ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ سنڌ جي ڪپتاني کان انڪار ڪيو هو، جنهن بعد اسد شفيق کي سندس جاءِ تي ڪپتان بڻايو ويو هو. صحافي سرفراز احمد کان سوال ڪيو هو ته اوهان سريلنڪا هٿان شڪست تي قوم کي مايوس ڪيو، اهڙي خراب ڪارڪردگي تي اوهان جي مستقبل ۾ ميچ ڏسڻ ڪير ايندو. پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد کان فيصل آباد جي صحافي جنهن انداز ۾ بدتميزي ڪئي، ان تي وڪيٽ ڪيپر ڪاوڙجي پيو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ تصديق ڪئي ته سرفراز احمد سان مقامي صحافي بدتميزي ڪئي، جنهن تي بورڊ فوري ڪارروائي ڪندي صحافي جو ايڪرڊيشن ڪارڊ رد ڪيو ۽ خناگي ٽي وي انتظاميا کي آگاهه پڻ ڪيو. ڪرڪيٽ بورڊ صحافي تي قومي ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ دوران اقبال اسٽيڊيم فيصل آباد ۾ داخلا تي به بندش لاڳو ڪئي آهي. پي سي بي ترجمان موجب ميڊيا لاءِ بورڊ جي پاليسي ڪليئر آهي، ڪرڪيٽر اسان جا هيرو آهن، انهن کان سوال ضرور ڪري سگهجن ٿا پر ساڻن بدتميزي برداشت نه ڪئي ويندي. ذريعن موجب سرفراز احمد پريس ڪانفرنس ڪري واپس موٽيو ته تمام گهڻو پريشان هو، هن پي سي بي کي آگاهه ڪيو ته مان ڪپتاني نٿو ڪري سگهان، منهنجي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *