مريم نواز کي ڊان ليڪس جي خبر سان جوڙيو پيو وڃي، الزام هڻندڙ معافي وٺن: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪلچرل چيني سينٽر ٻنهي ملڪن جي دوستي جو ثبوت آهي، چيني ڪلچرل تقريب کي خطاب ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته ڪلچرل سينٽر سان نوجوانن کي چيني ثقافت سان واقف ٿيڻ ۾ مدد ملندي، پاڪستان جي جڏهن به ڪو چئلينج سامهون آيو آهي ته چين پاڪستان سان گڏ بيٺل هوندو آهي، پاڪ چين ڪلچرل سينٽر جو افتتاح به گڏيل لاڳاپن جي صورت ۾ سي پيڪ جو حصو آهي، سي پيڪ پاڪ چين سياسي دوستي جو مثال آهي، پاڪستان ۽ چين دنيا جي 65 ملڪن کي پنهنجي دوستي سان گڏ ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته ثقافتي موقعن سان ٻنهي ملڪن جي مثبت تصوير جوڙي سگهجي ٿي، چيني صدر جي دوري بعد چيني سفارتخاني جي فعال ٿيڻ ۾ مثبت اضافو ٿيو، هن چيو ته اپوزيشن مريم نواز کان ڊنل آهي، هن چيو ته مريم نواز کي ڊان ليڪس جي خبر سان جوڙيو پيو وڃي، ڪوڙن الزامن جي روايت هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي، ڊان ليڪس تي مريم نواز کي ڪوڙي تاثر سان ڳنڍيو پيو وڃي، هن چيو ته مريم نواز بابت انهن جا ٻئي الزام عدالت رد ڪيا، عمران خان جي ڳالهه ۾ ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه ناهي، ڪوڙ ڳالهائڻ واري جي قسمت ۾ رڳو مايوسي هوندي آهي، ڊان ليڪس جي سرڪاري رپورٽ اچڻ جو انتظار ڪرڻ کپي، مريم نواز تي ڪوڙا الزام لڳائيندڙ معافي وٺن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *