ڪراچي جي اردو بازار ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن مڪمل، 5 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي (اين اين آءِ)رينجرز ڪراچي ۾ دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائيندي مقابلي ۾ عورت سميت پابندي مڙهيل تنظيم جي پنجن دهشتگردن کي قتل ڪري ڇڏيو مقابلي دوران اردو بازار جو علائقو ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جنگ جو ميدان ٻڻيو رهيو رينجرز دهشتگردن جي استعمال هيٺ فليٽ کي سيل ڪري ڇڏيو جڏهن ته جاچ جي لاءِ فليٽ جي مالڪ ۽ دهشتگرد جي چئن ضامنن سميت 10 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو پوليس جي جاچ ٽيم ڊي آءِ جي جي سربراهي ۾ واردات واري هنڌ جو جائزو ورتو ۽ شاهديون گڏ ڪيون پاڪستان رينجرز سنڌ پاران جاري بيان مطابق ترجمان ٻڌايو ته رينجرز اتحاد ٽائون جي علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي هڪ ڪالعدم پارٽي جي انتهائي گهربل دهشتگرد کي گرفتار ڪيو گرفتار دهشتگرد جي نشاندهي تي رينجرز 24 اپريل واري شام 7 لڳي 17 منٽن تي اردو بازار گهٽي نمبر ٽي جي هڪ عمارت تي ڇاپو هنيو جنهن کان پوءِ عمارت ۾ لڪيل دهشتگردن رينجرز کي ڏسندي ئي دستي بم ۽ ٻين هٿيارن سان حملو ڪيو ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته حملي ۾ رينجرز جا 4 اهلڪار به زخمي ٿيا آهن جنهن کان پوءِ رينجرز فورن عمارت کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو ان کان پوءِ 4 دهشتگرد جنهن ۾ هڪ عورت پاڻ کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪيو اهو به ٻڌايو ويو ته شڪي دهشتگردن ۽ رينجرز ۾ 7 ڪلاڪن تائين فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جيڪا رات 2 لڳي 45 منٽن تائين جاري رهي. رينجرز موجب ان دوران جوابدارن وقفي وقفي سان 3 ڌماڪا به ڪيا ۽ فرار ٿيڻ جي ڪوشش ۾ هڪ دهشتگرد رينجرز جي گولين جو نشانو بڻجي ويو ۽ وڌيڪ 3 دهشتگرد پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو ڌماڪي جي نتيجي ۾ دهشتگردن سان گڏ تقريبن 5 سالن جو ٻارڙو به مارجي ويو جڏهن ته گهر مان وڏي انگ ۾ هٿيار گوليون ۽ دستي بم هٿ ڪيا ويا آهن رينجرز موجب هڪ دهشتگرد جي سڃاڻپ محمد زاهد جي نالي سان ٿي آهي جڏهن ته ڌماڪي سبب لاش جون باڊيون زرا زرا ٿيڻ سبب وڌيڪ سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. ٻئي طرف ڊي آءِ جي سائوٿ آزاد خان فارنزڪ ٽيم سان گڏ فليٽ جو دورو ڪيو ۽ واقعي واري هنڌ جو جائزو ورتو ڊي آءِ جي سائوٿ مطابق جاچ اختيار فارنزڪ ٽيم جي سروي ۽ شاهديون گڏ ڪرڻ کان پوءِ ڪارروائي کي وڌيڪ اڳتي وڌايو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *