مدرسن خلاف پروپئگينڊا عالمي ايجنڊا جو حصو آهي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (بيورو) جـَي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، ٻـِن سالن لاءِ اقتدار آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي ڏيڻ جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته فوج جو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بنيادي ڪردار آهي، جي يو آءِ اصولي طور تي فوجي عدالتون قائم ڪرڻ جي حامي ناهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آئيني ڪردار کي ڏٺو وڃي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جـَي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪي مدرسن هميشه فرقيوراڻي  ڀائيچاري کي هٿي ڏني آهي، مدرسن خلاف پروپئگينڊا عالمي ايجنڊا جو حصو آهي، حڪومت مدرسي جهڙي اداري کي ختم نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته پشاور سانحي تي سموري قوم ڏکايل آهي، ڪوشش آهي ته ملڪ کي مستقبل ۾ اهڙي سانحي کان بچائي سگهجي. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جي هميشه اها بدقسمتي رهي آهي ته سياسي قيادت ڪنهن سانحي کانپوءِ ئي گڏ ٿيندي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته اصولي طور تي جي يو آءِ فوجي عدالتون قائم ڪرڻ جي حامي ناهي، ملڪ ۾ قانون ناڪام ناهي پر ان جو صحيح استعمال نه پيو ٿئي. جي يو آءِ سربراهه چيو ته موجوده حالتن ۾ فوج جي ڪردار کي غير معمولي قدم نه سمجهيو وڃي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ فوجي عدالتن جي ڪردار کي آئيني طريقي سان ڏٺو وڃي. اقتدار آرمي چيف کي ڏيڻ بابت الطاف حسين جي مطالبي بابت ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته هو ٻن سالن لاءِ اقتدار آرمي چيف کي ڏيڻ جي حق ۾ ناهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ فوج جو بنيادي ڪردار آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *