2015 صفائي جو سال هوندو : منظور وساڻ

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صوبائي وزير منظور حسين وساڻ چيو آهي ته 2015 صفائي جو سال هوندو هي صفائي جيلن شهرن ۽ ڳوٺن هر هنڌ ٿيندي جنهن کان پوءِ امن قائم ٿي ويندو رونقون بحال ٿي وينديون ۽ پوءِ پوري قوم خوشحالي۽ امن جشن به ملهائيندي هي امن انهن شهيدن جي قربانين جي سبب حاصل ٿيندو جن ملڪ جي سلامتي ترقي خوشحالي علم کي ڦهلائڻ ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪري ڇڏيون 16 ڊسمبر تي پشاور ۾ گلن جهڙن ٻارڙن جي شهادت قومي سانحو آهي انهن معصوم شهيدن جي سوڳ ۾ 27 ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي سادگي ۽ احترام سان ملهائينداسين پشاور سانحي جي معصوم ٻارڙن جي قرباني ايتري عظيم آهي جو هن قرباني پوري پاڪستاني قوم ۽ سمورن ادارن کي دهستگردي خلاف متحد ۽ متفق ڪري ڇڏيو آهي انهن شهيدن جي قربانين ناممڪن کي ممڪن بڻائي ڇڏيو آهي هاڻي هي قومي قيادت جو امتحان آهي ته هو ملڪ ۽ قوم کي ڪهڙي قدر جلد دهشتگردي کان پاڪ امن رواداري ۽ محبت ۽ خوشحال پاڪستان تعمير ڪري ڏئي ٿي. هو خوشحال ۽ پرامن پاڪستان جنهن لاءِ 1947 کان وٺي 16 ڊسمبر 2014 تائين اسانجن وڏڙن ۽ ٻارڙن بي مثال قربانيون ڏنيون ۽ هن وقت تائين هي سلسلو جاري آهي منظور وساڻ اهڙن خيالن جو اظهار خميس تي وساڻ هائوس ڪراچي ۾ ملاقات لاءِ آيل پارٽِ ڪارڪنن ۽ ماڻهن سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته 25 ڊسمبر قائداعظم محمد علي جناح جي ڄمڻ جو ڏينهن آهي هي تاريخ عيسائي برادري جي مقدس مذهبي تهوار ڪرسمس جو ڏينهن به آهي تنهنڪري ان ڏينهن جي حوالي سان اسان کي قائداعظم جي ڏنل اصولن مطابق پاڪستان کي سمورن مذهبي برادرين لاءِ هڪ جهڙن حقن جي ضامن سرزمين طور اجاگر ڪرڻ لاءِ عملي قدم ڏيکارڻا پوندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *