مخالف ڌر جو حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ جي آئيني قدمن جي موثر ھجڻ تي اتفاق

اسلام آباد(م.ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پي ٽي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ملاقات دوران اتحادين سان ٿيل ڳالهين تي اطمينان جو اظهار ڪيو. جڏهن ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ بي اعتمادي واري رٿ ۽ حڪومتي رويي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بي اي پي به حڪومت جي حمايت ۾ بيان ڏنو آصف علي زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان حڪومت خلاف بي اعتمادي جي آئيني تحريڪ جي اثرائتا ٿيڻ تي اتفاق ڪيو. پيپلز پارٽي جي وفد ۾ آصف علي زرداري سان گڏ رخسانه بنگش جڏهن ته جي يو آءِ جي وفد ۾ مولانا عبدالغفور حيدري، مولانا صلاح الدين ايوبي ۽ انجنيئر ضياءُ الرحمان شامل هئا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *