ايڪنڪ طرفان پاڻي ورڇ جو ٽه رخي معاملو سي سي آءِ ۾ کڻي وڃڻ جو فيصلو

ڪراچي (اين اين آءِ)  ايڪنڪ جو ناڻي کاتي جي وفاقي وزير شوڪت ترين جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ايڪنڪ ۾ سنڌ جي ميمبر نثار کهڙو لاڙڪاڻي مان ويڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو جي منصوبي جي سنڌ طرفان ڀرپور مخالفت ڪئي وئي، پنجاب اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو. نثار کهڙو ايڪنڪ اجلاس ۾ سنڌ جو موقف پيش ڪندي چيو ته پاڻي جي ٿري ٽيئر فارمولا ۽ صوبن وچ ۾ پاڻي جي ورهاست وارو معاملو سي سي آءِ وٽ پينڊنگ آهي جيسيتائين سي سي آءِ ۾ ڪو فيصلو نه ٿو ٿئي تيسيتائين گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو جو منصوبو ختم ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ايڪنڪ ۾ پاڻي جي ٿري ٽيئر فارمولي جي فيصلي لاءِ معاملو سي سي آءِ ۾ کڻي وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو. نثار کهڙو سنڌ جو پاڻي جي ٿري ٽيئر فارمولي بابت سي سي آءِ ۾ ڀرپور ڪيس پيش ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته پاڻي جي اڳ ئي سخت کوٽ آهي ۽ گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو منصوبي جي لاءِ اضافي پاڻي ڪٿان ايندو. هن چيو ته سنڌ پڇڙي وارو صوبو آهي جتي پاڻي جي اڳ ئي سخت کوٽ آهي ۽ وفاق به پاڻي جي کوٽ جو اعتراف ڪري رهيو آهي ۽ ٽيلي ميٽر جو نظام به موجود ناهي. نثار کهڙو مطالبو ڪيو ته سي سي آءِ جيسيتائين پاڻي جي ٿري ٽيئر فارمولي بابت فيصلو ڏئي تيسيتائين گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو منصوبي کي ملتوي ڪيو وڃي. نثار کهڙو چيو ته 2001ع ۾ به واپڊا طرفان گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو تي ايڪنڪ جي منظوري کان بغير پاڻي جي موجودگي بابت ارسا جي اين او سي جي بغير ڪم شروع ڪيو ويو هو ان وقت به سنڌ کي سخت خدشا هئا. گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو هڪ سنجيده معاملو آهي سي سي آءِ جي فيصلي کان اڳ ۽ سنڌ جي خدشن توڙي تحفظاتن کي دور ڪرڻ بغير هن منصوبي جي منظوري سان سنڌ ۾ احساس محرومي وڌندي ان لاءِ ان معاملي کي سي سي آءِ ۾ موڪليو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ صوبي جا خدشا دور نه ڪيا ويا ته سنڌ گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽور منصوبي بابت ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ کي فنڊنگ نه ڪرڻ جي لاءِ رابطو ڪندي ته هي منصوبو ظلم ۽ زيادتي تي ٻڌل آهي. نثار کهڙو وڌيڪ چيو ته سنڌ اسيمبلي پاڪستان ٺهڻ جي قرارداد منظور ڪئي ۽ ان سنڌ اسيمبلي گريٽر ٿل ڪئنال جي خلاف قرارداد منظور ڪئي آهي ان لاءِ گريٽر ٿل ڪئنال جي خلاف سنڌ اسيمبلي جي قرارداد کي نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي. ايڪنڪ اجلاس ۾ وفاق پاڻي جي کوٽ جو اعتراف ڪيو ۽ وفاقي وزير شوڪت ترين ٿري ٽيئر فارمولي جو معاملو سي سي آءِ ۾ کڻي وڃڻ ۽ پاڻي جي مانيٽرنگ لاءِ ٽيلي ميٽر سسٽم لڳائڻ ۽ پنجاب کي ملندڙ پنهنجي ئي حصي جو پاڻي استعمال ڪرڻ جي رولنگ ڏني. ان موقعي تي وفاقي وزير شوڪت ترين چيو ته پاڻي جي کوٽ جي ڪري پڇڙي واري صوبي سنڌ کي متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي ان لاءِ ٽيلي ميٽري سسٽم هئڻ گهرجي. اجلاس ۾ وفاقي وزير شوڪت ترين پاڻي جي ٿري ٽيئر فارمولي جي فيصلي بابت معاملو سي سي آءِ ۾ کڻي وڃڻ جي رولنگ ڏني.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *