مخالفن عمران خان کي نقصان پهچائڻ لاءِ مون کي استعمال ڪيو: جمائمھ

ڪراچي(م.ڊ) وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي گهرواري جمائما هڪ تازي انٽرويو ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته جيئن اڳوڻي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن کي نقصان پهچائڻ لاءِ مونيڪا ليونسڪي کي استعمال ڪيو ويو، ائين ئي سياسي حريفن عمران خان کي نقصان پهچائڻ لاءِ کيس استعمال ڪيو. جمائما جو چوڻ هو ته مون پنهنجي ۽ مونيڪا ليونسڪي جي زندگي ۾ هڪجهڙائي ڏٺي، مان به عمر ۾ وڏي، سياسي حيثيت ۾ نمايان شخص سان رشتي ۾ جڙيس، ڪوڙي ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ايتري تائين جو مونکي پاڪستان ڇڏڻو پئجي ويو. هن چيو ته پاڻ کان ٻيڻي عمر جي شخص سان شادي ڪئي جنهن جو ايمان ٻيهر تازو ٿي ويو، پنهنجي سڄي آزاديکي ڇڏي پاڪستان وڃڻ جو فيصلو سولو ڪم نه هو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ گذاريل وقت ۾ گذاريل وقت ۾ ارينج ميريج جا ڪجهه فائدا به ڏٺا، اسلامو فوبيا ۽ يهودين سان نفرت ٻنهي کي گهڻو ويجهي کان ڏٺو، لڳي ٿو ٻنهي جي وچ تي بيٺي آهيان، ٻن دنيائن، ٻن نظرين کي هڪ وقت سمجهي سگهان ٿي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *