يوٽيلٽي اسٽورن تي ڊالڊا گيهه جو 10 ليٽرن وارو ڪين 1090 رپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي (اين اين آءِ) يوٽلٽي اسٽورز تي مختلف برانڊز جي گيهه جي قيمتن ۾ 40 کان 1090 رپين تائين واڌ ڪئي وئي آهي ذريعن موجب يوٽيلٽي اسٽورز تي مهانگئي جو نئون طوفان برپا ڪيو ويو آهي ۽ مختلف برانڊز جي گيهه جي قيمتن ۾ 40 کان 1090 رپين تائين واڌ ڪئي وئي اهي ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته قيمتن ۾ واڌ فوري طور لاڳو ٿيندي يوٽلٽي اسٽورز تي ملندڙ ڊالڊا گيهه جي في ڪلو قيمت ۾ 109 رپيا ۽ 10 ليٽر ڪين ۾ 1090 رپين جي واڌ ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ ڊالڊا گيهه جو 10 ليٽر جو ڪين 2500 رپيا وڌي 3590 رپين جو ٿي ويو آهي اهڙي طرح ميزان گيهه جي 10 ليٽر ٽن جي قيمت ۾ 475 رپين جو اضافو ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ ميزان گيهه جي 10 ليٽر ٽن جي قيمت 2885 مان وڌائي 3360 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي يوٽلٽي اسٽورز تي 5 ليٽر پلانٽا ڪڪنگ آئل جي قيمت ۾ 463 رپين جو اضافو ڪيو ويو آهي جڏهن ته من پسند ڪڪنگ آئل جي قيمت 465 رپين تائين وڌائي وئي آهي جنهن کان پوءِ من پسند 5 ليٽر ڪڪنگ آئل ٽن جي قيمت 1245 مان وڌائي 1710 رپيا ٿي وئي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *