محمد عامر پي ايس ايل ۾ ڪراچي ڪنگز ٽيم ڇڏي ڏني

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)اسٽار فاسٽ بالر محمد عامر پاڪستان سپر ليگ ۾ پنهنجي ٽيم ڪراچي ڪنگز سان ٻن سالن جو ساٿ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ڪنگز ٽيم پي ايس ايل جي شروعاتي ٻنهي سيزن ۾ ناڪام رهي ۽ پلي آف مرحلي تائين پهچي نه سگهي هئي. جڏهن ته ٽيم ۾ ڪپتاني تان اختلاف به سامهون آيا هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد عامر ڪراچي ڪنگز ٽيم کي خير باد چوڻ جو حتمي فيصلو ڪيو آهي، جنهن بعد هو ٽئين سيزن ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ٽيم ۾ شموليت اختيار ڪري سگهي ٿو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *