محمد عامر بهترين ون ڊي رينڪنگ ۾ ستين نمبر تي اچي ويو

 

اسلام آبادۡ: (اسپورٽس نيوز)  پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ 3 ڏينهن واري ميچن جي سيريز پاڪستاني ٽيم پنهنجي نالي ڪري ورتي جنهن کان پوءِ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل(آءِ سي سي) نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي.آءِ سي سي جي جاري ڪيل رينڪنگ موجب قومي ٽيم جي بهترين رانديگر محمد عامر جي رينڪنگ ۾ ڇهن پوائنٽن جو اضافو ٿيو آهي جنهن کان پوءِ هو پنهنجي ڪيريئر جي بهترين ون ڊي رينڪنگ ۾ ستين نمبر تي اچي ويو آهي. محمد عامر سريلنڪا جي خلاف سيريز دوران بهترين بالنگ ڪئي ۽ 2 ميچن ۾ چئن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.بهترين بيٽنگ ۾ قومي ٽيم جي اهم رانديگر بابراعظم پنهنجي ٽين پوزيشن برقرار رکي آهي. ٻنهي ميچن ۾  لاڳيتو پنجاهه،  پنجاهه رنسون مڪمل ڪندڙ فخرزمان جي رينڪنگ ۾ به بهتري اچي وئي آهي هو هن وقت 16 نمبر تي موجود آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *