بگ بيش ليگ ۾ شرڪت ڪرڻ سان ٻين رانديگرياڻين لاءِ به رستا کلندا : ندا ڊار

 

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر ندا ڊار چيو آهي ته بگ بيش ۾ کيڏڻ رڳو مون لاءِ نه پر پاڪستان وومين ڪرڪيٽ جي ٻين رانديگرياڻين لاءِ به فائديمند ثابت ٿيندو.ندا ڊار گذريل ڏينهن بڪ بيش ٽيم سڊني ٿنڊرز سان معاهدو ڪيو هو ، هوءَ ان ليگ ۾ شرڪت ڪندڙ پهرين پاڪستان عورت ڪرڪيٽر آهي.خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ندا ڊار چيو ته هن جي بگ بيش ليگ ۾ شرڪت کان پوءِ ٻين پاڪستان رانديگرياڻين جي به ان ليگ ۾ شرڪت جون راهون کلنديون.هن چيو ته بڪ بيش هجي يا ڪو ٻيو ٽورنامينٽ، آئون  پاڪستان جي نمائيندي طور اتي شرڪت ڪندي آهي ۽ ان ٽورنامينٽ ۾ به ڪوشش هوندي ته بهتر کان بهتر پرفارم ڪري پاڪستان جو نالو روشن ڪيان.سندس چوڻ هو ته بگ بيش ۾ کيڏڻ منهنجو خواب هو ڇو جو آسٽريليا ۾ بهترين ڪرڪيٽ هوندي آهي، اتي بهترين رانديگرن سان گڏ کيڏي گھڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملندو، وڏن رانديگرن جو مائينڊسيٽ ۽ گيم پلان جي خبر پوندي.ندا ڊار چيو ته ورلڊ ٽي ٽوئنٽي به آسٽريليا ۾ ٿيڻو آهي، ان کان اڳ اها ليگ کيڏڻ رڳو مون لاءِ نه پر پاڪستان جي ٻين رانديگرن لاءِ به فائديمند ثابت ٿيندو، جيڪو ڪجهه به آئون اتان کان سکي اينديس ان کي ٻين ساٿين سان به شيئر ڪنديس.هڪ سوال جي جواب ۾ رانديگرياڻي چيو ته بگ بيش ٽيم جيڪو مون تي اعتماد ڪيو آهي ان تي پوري لهڻ جي ڪوشش ڪنديس.هوڏانهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ندا ڊار کي بنگلاديش خلاف سيريز مان رليز ڪري ڇڏيو آهي.پي سي بي جو چوڻ آهي ته بنگلاديش جي سيريز آءِ سي سي چيمپيئن شپ جو حصو نه آهي ۽ سموري صورتحال جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ندا ڊار کي بنگلاديش جي سيريز ڇڏي بگ بيش ليگ کيڏڻ جي اجازت ڏني وئي آهي ته جيئن اتي وڃي سکي سگھي.واضح رهي ته بنگلاديش وومين ڪرڪيٽ ٽيم پنج ون ڊي ميچن جي سيريز لاءِ هن مهيني جي آخر ۾ لاهور پهچي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *