محسن عباس ڳورهاري هجڻ باوجود سخت تشدد جو نشانو بڻايو: زال فاطمه جو الزام

 

ڪراچي: (شوبز نيوز) فلم(نامعلوم افراد)  کان ڪاميابي ماڻيندڙ اداڪار محسن عباس حيدر جي زال فاطمه الزام هنيو آهي ته محسن مون کي سخت جسماني ۽ ذهني تشدد جو نشانو بڻايو آهي.اداڪار محسن عباس حيدر فلمن کان علاوه سوشل ميڊيا تي به ڪافي سرگرم رهندو آهي ۽ پنهنجي زندگي بابت خوشيون ۽ غم پنهنجي چاهيندڙن سان شيئر ڪندو رهندو آهي. ڪجهه وقت اڳ هن سوشل ميڊيا جو استعمال ڪندي ٻڌايو هو ته مان هن وقت ڊپريشن مان گذري رهيو آهيان.جڏهن ته محسن عباس حيدر جي گهر واري فاطمه سهيل فيس بڪ تي ڊگهي پوسٽ ۾ پنهنجي مڙس جي ظلم جي داستان بيان ڪندي چيو آهي ته ان جو مڙس نه صرف کيس جسماني تشدد جو نشانو بڻايو آهي پر ذهني ٽارچر به ڪيو آهي ۽ هاڻي هو اهو ظلم برداشت ڪري ٿڪجي پئي آهي.فاطمه لکيو آهي ته ظلم برداشت ڪرڻ به گناهه آهي.  هن چيو ته 26 نومبر 2018 تي مون کي خبر پئي ته منهنجو مڙس مون کي ڌوڪو ڏئي رهيو آهي ۽ جڏهن مون ان باري ۾ ان سان ڳالهه ڪئي ته هو شرمنده ٿيڻ بجاءِ مون کي مارڻ شروع ڪري ڇڏيو. فاطمه لکيو آهي ته محسن کي ان ڳالهه جو به احساس نه ٿيو ته آئون ان وقت ڳورهاري هئس. ان باوجود مون کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو.تشدد جو شڪار ٿيڻ کان پوءِ آئون پنهنجي دوست سان گڏ ڊاڪٽر وٽ ويس ته ان به مون کي اهو چئي جواب ڏنو ته هي پوليس ڪيس آهي. الٽرا سائونڊ کان پوءِ خبر پئي ته منهنجو ٻار صحيح سلامت آهي. هن چيو ته هاڻ آئون محسن عباس سان گڏ نٿي رهي سگهان. مون کي خبر آهي ته آئون اڪيلي پنهنجي  ٻار جي پرورش نٿي ڪري سگهان پر الله مون سان گڏ آهي آئون جسماني  ۽ زباني تشدد ۽ طلاق جي ڌمڪين کان تنگ اچي وئي آهيان.جنهن کان پوءِ فاطمه محسن کي مخاطب ٿيندي چيو ته مسٽر محسن توسان هاڻ آئون عدالت ۾ ملندس. ياد رهي ته محسن عباس حيدر(نامعلوم افراد) نامعلوم افراد 2) (لوڊويڊنگ) جهڙي فلمن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي جڏهن ته ان جي تازو ئي فلم(باجي) رليز ٿي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *