سکر ڪوئنس روڊ تان گم ٿيل  ڇهن ٻارن جو پتو نه پيو، گهرن ۾ قيامت جو منظر

سکر ( ويب ڊيسڪ ) سکر ڪوئنس روڊ تان 19 جولائي تي هڪ ئي گهر جا ڇهه ٻار گم ٿي ويا هئا جن جي هن مهل تائين خبر پئجي ناهي سگهي وارثن جي گهر ۾ قيامت جو منظر آهي . گم ٿيل ٻارڙن جون عمريون ، يارنهن سالن کان سورنهن سالن تائين آهن گم ٿيل ٻارڙن مان محمد انيس جا ٽي پٽ ، محمد قمر جا ٻه پٽ ، ۽ محمد رياض جو هڪ پٽ شامل آهي گم ٿيل ٻارڙن ۾  يارنهن سالن جو حماد ،ٻارنهن سالن جو احسان ،۽ تيرنهن سالن جو محمد احتشام ، اهي محمد انيس جا پٽ آهن . جڏهن ته يارنهن سالن جو عاصم ۽ سورنهن سالن جو قاسم ولد محمد قمر سڳا ڀائر آهن .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *