مان ڪرڪيٽ کيڏندو هيس ته قائم علي شاهه لولي پاپ کڻي گهمندو هو: عمران خان

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته جلد مسلم ليگ ن جا سينئر اڳواڻ پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيندا. هڪ انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته اسان جا ڪيترن ئي مسلم ن جي ميمبرن سان رابطا آهن ۽ هو بادشاهت مان تنگ ٿي چڪا آهن تنهن ڪري پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿين چاهين ٿا پر اڃا ساڻن معاملا طئي ٿي رهيا آهن. هن چيو ته جلد پريس ڪانفرنس ۾ اهم اعلان ڪندس. عمران خان چيو ته جڏهن مان ڪرڪيٽ کيڏندو هيس ته قائم علي شاهه لالي پوپ کڻي گهمندو هو. هن چيو ته قائم علي شاهه مون کان ننڍو آهيان تنهن ڪري گهڻو فٽ نظر ايندو آهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف ۽ سندس ساٿين خلاف گهڻيون شاهديون جمع ٿي چڪيون آهن، ملڪ ڦريندڙن جي حساب جو ڏينهن ويجهو آهي، اسان جي جدوجهد ايندڙ نسلن لاءِ آهي.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *