فلم ”ٽائيگر زندهه هي“ چئن ڏينهن ۾ 114 ڪروڙ ڪمائي ورتا

ممبئي  (شوبز نيوز) باليووڊ سلطان سلمان خان جي چار ڏينهن اڳ ريليز ٿيل فلم ‘‘ٽائيگر زندا هي’’ رڳو چار ڏينهن ۾ 114 ڪروڙ روپين کان به وڌيڪ بزنس ڪري ورتو. سلمان خان جي فلم ‘‘ٽائيگر زندا هي’’ باليوڊ جي پهرئين فلم آهي جنهن شروعات 4 ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ بزنس ڪيو، جيڪا وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي. فلم ۾ سلمان خان کي ڀارتي خوفيه اجنسي پاران عراق ۾ داعش پاران اغوا ڪيل 25 نرسن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ خصوصي مشن تي موڪليو ويندو آهي. فلم ”ٽائيگر زندا هي“ 22 ڊسمبر تي ريليز ٿي هئي، جنهن پهرئين ڏينهن 34 ڪروڙ روپين جو بزنس ڪيو. مجموعي طور سلمان خان جي اها 12هين فلم آهي، جيڪا 100 ڪروڙ ڪلب ۾ شامل ٿي چڪي آهي، جڏهن ته اها سندس ٽئين فلم آهي جيڪا رڳو 3 ڏينهن ۾ 100 ڪروڙ ڪلب ۾ شامل ٿي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *