مان ٽيم ۾ واپس اچڻ جو ڪو به مطالبو نه ڪيو هو : اي بي ڊي ويليئرز

 

جوهانسبرگ (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اي بي ڊي ويليئرز ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ واپسي جي ڪوشش بابت هلندڙ خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته هن ٽيم ۾ واپس اچڻ جو ڪو به مطالبو نه ڪيو هو.واضح رهي ته ورلڊ ڪپ دوران ڏکڻ آفريقي ٽيم جي لاڳيتو شڪستن کان پوءِ اهي خبرون سامهون آيون هيون ته اي بي ڊي ويليئرز ڪپتان فاف ڊيوپليسي سان ڳالهايو ۽ اسڪواڊ جي اعلان کان رڳو 24 ڪلاڪ اڳ پنهنجي موجود هجڻ بابت آگاهه ڪيو پر سليڪٽرز هن کي تسليم نه ڪيو.ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ چونڊ پئنل جي سربراهه لنڊا زوني بعد ۾ ڊي ويليئرز جي آخري لمحن جي آڇ کي رد ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو هو ته اهو فيصلو ”اخلاقن ۽ اصولن“ کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.مئي 2018 ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪندڙ اي بي ڊويليئرز ان حوالي سان ٽوئيٽر تي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته آئون ٽيم جو حصو بڻجڻ جي اميد نه ڪري رهيو هيس پر ورلڊ ڪپ ۾ امڪاني واپسي جي حوالي سان سوال تي آئون اتفاق ڪيو ته ها واپسي جو در کليل آهي، جيتوڻيڪ ان دوران ٽيم ٽورنامينٽ ۾ هلي وئي ۽ آئون ڪنهن سان به ناراض آهيان.هن چيو ته آئون ڪو به مطالبو ناهي ڪيو، آئون ٽورنامينٽ جي موقعي تي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ پنهنجو رستو ڳولڻ جي ڪوشش صفا نه ڪئي ۽ نه ئي ان ۾ زبردستي شامل ٿيڻ جي مون کي ڪا اميد هئي، مون طرفان ڪو به مسئلو نه هو ۽ نه ئي ڪنهن ناانصافي جو احساس هو.ڊيويليئرز ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته هن ٽيم جي ڪپتان فاف ڊوپليسي سان ڳالهايو هو. سندس چوڻ هو ته فاف ۽ آئون اسڪول کان وٺي دوست آهيون ۽ ورلڊ ڪپ لاءِ ٽيم جو اعلان ٿيڻ کان ٻه ڏينهن اڳ منهنجي هن سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، آئون انڊين پريميئر ليگ دوران سٺي فارم ۾ هيس ۽ آئون جيڪو به چيو هو ۽ ماضي جي ڳالهه ورجائيندي چيو هو ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته آئون موجود آهيان پر رڳو ان صورت ۾ ته جيڪڏهن ٽيم کي منهنجي ضرورت هجي ته.ان ڳالهه ٻولهه جا تفصيل پهريون ڀيرو 6 جون تي سامهون آيا، جڏهن ڏکڻ آفريقا کي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت هٿان ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو، جيڪا ايونٽ ۾ هنن جي لاڳيتي ٽين شڪست هئي. اهو ايونٽ ڏکڻ آفريقا لاءِ ڪنهن ڀوائتي خواب کان گھٽ نه هو، جتي هو رڳو ٽي ميچون کٽڻ مان ڪامياب ٿيا ۽ 7 پوائنٽون حاصل ڪري سگهيا.اي بي موجب اها ڪهاڻي مان ميڊيا ۾ منظر تي نه کڻي آيس ۽ مون کي ان ڳالهه سان ڪو به فرق نٿو پوي ته اها ڪنهن منظر آندي پر ان ذريعي مون کي غلط انداز ۾ ضدي ۽ خود غرض ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، آئون گھڻي عاجزي سان چوان ٿو ته منهنجو ضمير صاف آهي.هن انٽرنيشنل ڪرڪيٽ  تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندي چيو هو ته پنهنجي ڪم جو بار گھٽائڻ چاهيان ٿو ۽ اي بي هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو ته رڳو چونڊيل 20 ليگز ۾ کيڏي رهيو آهي ۽ مالي فائدا منهنجي ترجيح ناهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *