مان هڪ ئي وقت هندو ۽ مسلمان آهيان: سلمان خان

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي ميڊيا مطابق بالي ووڊ اسٽار سلمان خان غير قانوني هٿيار جي ڪيس  ٻڌڻي جي موقعي تي  جج جي طرف کان جڏهن سلمان خان کان سوال ڪيا ويا ته هڪ سوال جي جواب ۾ بالي ووڊ اسٽار جو چوڻ هو ته هو هڪ ڀارتي آهي، جڏهن ته ان جي والده هندو ۽ والد مسلمان آهي، ان لاءِ  هو هڪ ئي وقت هندو ۽ مسلمان آهي، واضح رهي ته سلمان خان تي 1998 ۾ جوڌ پور ۾ ڪاري هرڻ جي غير قانوني شڪار جو الزام لڳايو ويو آهي، جڏهن ته حڪومت ان جي خلاف ڪاري هرڻ جي شڪار کان  علاوه غير قانوني هٿيار رکڻ جو ڪيس به داخل ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *