پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پورهيتن جو عالمي ڏينهن(اڄ) ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو

لاهور(اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ (اڄ) جمعي تي پورهيتن جو عالمي ڏينهن ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو. ان موقعي تي مختلف تقريبون، سيمينار، ڪانفرنسون ۽ ريليون منعقد ڪيون وينديون جن ۾ شڪاگو جي محنت ڪشن سان ايڪي جي اظهار سميت پورهيتن ۽ محنت ڪشن جي مسئلن کي نروار ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي حل لاءِ آواز پڻ اٿاريو ويندو. وفاقي گادي واري شهر ۽ چني صوبائي گادي وارن شهرن سميت سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ پاڪستان ليبر فيڊريشن، پاڪستان ورڪرز يونين ليبر قومي موومنٽ، پيپلز ليبر بيورو، ڪميونسٽ مزدور ڪسان پارٽي، مختلف سياسي پارٽين ۽ ٻين تنظيمن جي اهتمام هيٺ ريليون پڻ ڪڍيون وينديون جن ۾ سول سوسائٽي به شريڪ ٿيندي جڏهن ته صنعتي ورڪرز، پاور لومز جا پورهيت ۽ ٻين شعبن سان واسطو رکندڙ محنت ڪش به ريليون ۽ سيمينار منعقد ڪندا. واضح رهي ته پهرين مئي تي هر سال اهو ڏينهن ان عزم سان ملهايو ويندو آهي ته پورهيتن جون معاشي حالتون تبديل ڪرڻ جون ڪوششن تيز ڪيون وڃن. پاڪستان ۾ قومي سطح تي يوم مئي ملهائڻ جي شروعات 1973ع ۾ ٿي، ملي تاريخ جي پهرين ليبر پاليسي جو اعلان ڪيو ويو ۽ پهرين مئي تي قومي موڪل جو اعلان ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *