ماضي ۾ جمهوريت جي تحريڪ ۾ پ پ ۽ صحافين گڏجي جنگ وڙهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي نون چونڊيل عهديدارن کي واڌايون ڏنيون آهن ۽ اميد ڏيکاري آهي ته  مُک ميڊيا تنظيم جا عهديدار هن ملڪ ۾ جمهوري ادارن جي مضبوطي ۽ جمهوري روايتن جي اڳڀرائي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. اي پي اين ايس جي نئين چونڊيل صدر سرمد علي ۽ جنرل سيڪريٽري عمر مجيب شامي جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ماضي ۾ قوم جي جمهوريت جي بحالي واري جدوجهد ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ صحافي برداري ڪلهو ڪلهي سان ملائي آمريتي قوتن خلاف گڏيل ويڙهه ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هڪ جمهوري سماج جي ترقي ۾ آزاد ميڊيا جي اهم ڪردار کي تسليم ڪري ٿي ۽ ان لاءِ پنهنجو ساٿ جاري رکندي، پيپلزپارٽي جي چيئرمين اي پي اين ايس جي سمورن چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي پارٽي طرفان مستقبل ۾ مڪمل سهڪار جي خاطري پڻ ڪرائي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *