سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ن ليگ حڪومت ڪيئن پئي هلي،تازن ڌرڻن مان لڳي ٿو ته ننڍي ميان وڏي ميان خلاف سازش ڪئي:اعتزاز احسن

اسلام آباد (بيورو) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته اڄ تائين سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته (ن) ليگ جي حڪومت ڪيئن هلي ٿي، تازن ڌرڻن مان لڳي ٿو ته ننڍي ميان صاحب وڏي ميان صاحب خلاف سازش ڪئي، گهرو معاملن وارو وزير چوي ٿو ته ڪو  ٺاهه ناهي ٿيو، باقي وزير ڌرڻن وارن سان ڳالهيون ڪن ٿا، پنهنجي هڪ بيان ۾ اعتزاز احسن  چيو ته اسان کي اڄ تائين سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته حڪومت ڪيئن هلي رهي آهي، گهرو معاملن وارو وفاقي وزير چوڌري نثار پهرين ڌرڻي وارن خلاف آپريشن جي ضد تي اڙيل هو ۽ وري چوي ٿو ته ڌرڻي وارن سان ڪو  معاهدو ناهي ٿيو، جڏهن ته ٻئي پاسي ٻيا حڪومتي وزير ڌرڻي جي اڳواڻن سان ملاقاتون ۽ ڳالهيون ڪندا رهيا،ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته ميان شهبازشريف پنهنجي وڏي ڀاءُ نواز شريف خلاف سازش ڪئي آهي، ٻنهي ڀائرن وچ م سازش تمام جلد وائکي ٿي ويندي، هن چيو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اسلام آباد ۾ ڌرڻي وارا 14 ڪلو ميٽر جو فاصلو طئه ڪري پارليامنٽ جي سامهون پهچي وڃن، هن گهرو معاملن واري وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان ، ريلوي واري وفاقي وزير ۽ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار کان مطالبو ڪيو ته هو پارليامنٽ ۾ اچي ڌرڻي جي حوالي سان پنهنجو موقف پيش ڪن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *