مارچ ڪرپشن کي تحفظ ڏيڻ جي جدوجهد قرار، جي يو آءِ پاران ڪوريج جي اجازت نه ڏيئي پٿر جي دور جي ياد تازي ڪئي ويئي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌسماءِ جي خاص مددگار فردود عاشق اعواڻ چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جو مارچ ڪرپشن کي تحفظ ڏيڻ جي جدوجهد آهي جيڪڏهن اسان ڊنل هجون ها ته مولانا فضل الرحمان کي فائيو اسٽار سهولتون ڪيئن ڏيون ها ججز جو انگ پورو ڪرڻ پارليمينٽ جي گڏيل ذميواري آهي سموريون ڳالهيون وزيراعطم آڏو رکيون وڃن عمران خان سوشل ورڪر به آهي ۽ وزيراعظم به آهي پٺتي پيل ماڻهن جامسئلا حل ڪندو پارليمينٽ ۾ اسان جي گهڻائي نه هئڻ جي ڪري اسان قانونسازي نه پيا ڪيون اپوزيشن اسان جو ساٿ نه پئي ڏي. جيئن کيس ڏيڻ گهرجي اسان آرڊيننس جي ذريعي قانون پاس ڪري رهيا آهيون جمعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته جمهوريت جي دعويٰ ڪندڙ پاڻ جمهوريت ڪيرائڻ نڪتا آهن. اقتدار جي نشي کان محروم ٽولو 5 ڏينهن کان رستن تي آهي اسان انهن لاءِ ڪابه رنڊڪ ناهي وڌي پر کين سموريون سهولتون ڏنيون آهن فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مولانا فضل الرحمان کي اوهان سڃاتو آهي جيتري سهولتڪاري ڪئي آهي مولانا فضل الرحمان کي فائيو اسٽار سهولتون ڏنيون آهن هن چيو ته سندس کاڌي پيتي سميت اهڙو سڪون وارو ماحول ڏنو جتي هو جوش ۽ جذبي سان اسلام لاءِ نه پر پنهنجي ذات لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪري هن چيو ته پاڪستان جو عوام ٻڌي سندس ايجنڊا ڇا آهي سندس خواهشون ۽ ارمان ڪهڙا آهن هن چيو ته انهن سڀني لاءِ هڪ انوائمينٽ ٺاهڻ ضروري هو سهولتون حڪومت ڏنيون آهن هن چيو ته ججز ۽ وڪيل پنهنجا فرض نڀائي رهيا آهن هنن مشڪل حالتن ۾ ڪم ڪندڙن کي مان خراج تحسين پيش ڪيان ٿي. هن چيو ته مون کي الله چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ذريعي ان جي ترجمان جو موقعو ڏنو مان هتي آئي آهيان ۽ ان جون حالتون بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديس فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مان ججز جي چيمبر ۾ به ويس. ٻئي ڊسٽرڪٽ ڪورٽس جون هالتون هتان کان بهتر آهن هن چيو ته عمران خان جي سب کان پهرين ترجيحي آهي ته بنيادي انصاف فراهم ٿئي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته تحريڪ انصاف هيٺين ۽ پٺتي پيل طبقي جي خيرخواهه جماعت آهي سٺ سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو سيڊيز سان بلڊنگ جي حوالي سانڪابينه ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي هن چيو تها سان گڏ ويهي ڊسٽرڪٽ ڪورٽس جي حالتن جو لائحه عمل جوڙينداسين هن چيو ته 1830 جي انگريز جي ٺاهيل قانون کي تبديل ڪرڻ لاءِ هي حڪومت ڪم ڪري رهي آهي جج جو انگ پورو ڪرڻ پارليامينٽ جي گڏيل ذميواري آهي. هن چيو ته الله چاهيو ته هتان جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم ۽ مان ڪم ڪنديس. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته منهنجي ۽ معاشري جي ٻين طبقن جو ستايل ماڻهو هن عدالت ۾ اچي ٿو جڏهن انهن کي عدالتن مان انصاف نه ملي ته اهو مايوس ٿئي ٿو مايوسي ڪفر آهي.

وزيراعطم جي سڌسماءِ جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪوريج جي اجازت نه ڏيئي پٿر جو دور ياد ڏياريو ويو مولانا جا قدم جمهوري روايتن، آئيني حق لتاڙڻ برابر آهن جمعي تي ٽيوٽر ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مارچ انتظاميه ووڪين اينڪرز کي ڪوريج جي اجازت نه ڏني هن چيو ته انتهاپسنداڻي سوچ عورتن جي حقن تي وار ڪيو پاڪستان جي اڌ کان وڌيڪ آبادي عورتن تي ٻڌل آهي هن چيو ته جمهوريت جي نالي تي جمهوري اصولن جي لتاڙ ٿي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *