تيزگام ٽرين حادثو 58 لاشن جو ڊي اين اي ڪرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (اين اين آءِ) رحيم يار خان جي ويجهو گذريل ڏينهن تيزگام ايڪسپريس ۾ باهه لڳڻ سبب فوتي 58 ماڻهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي جنهن سبب انهن جو ڊي اين اي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر هيلٿ ٻڌايو ته تيزگام سانحي ۾ فوتي 58 ماڻهن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي شيخ زيد اسپتال ۾ ٽرين هادثي جا 17 زخمي علاج هيٺ آهن جن مان چئن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي سي اي او هيلٿ متعلق فورنزڪ ليب جي ٽيم لاشن جا جزا ورتا آهن جيڪي وارثن سان ميچ ڪيا ويندا شيخ زيد اسپتال جي برن يونٽ جي سربراهه مطابق ٻن زخمين کي برن يونٽ کان نشتر اسپتال منتقل ڪيو ويو جنهن کان پوءِ ان وٽ 4 زخمي علاج هيٺ آهن ذريعن جو چوڻ آهي ته نشتر اسپتال ۾ علاج هيٺ زخمين جو انگ 50 آهي ريلوي جي ترجمان موجب ريلوي وزارت کي تيزگام ٽرين حادثي جي شروعاتي جاچ رپورٽ موڪلي ويئي آهي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته تيزگام ٽرين هادثي ۾ 74 مسافر فوت ۽ 47 زخمي ٿيا 60 مسافر ٽرين ۾ سڙي فوت ٿيا ۽ 6 اسپتال ۾ فوت ٿيا 8 مسافر ٽرين مان ٽپو ڏيندي فوت ٿيا. رپورٽ ۾ بيان ڪيو ويو ته اڪانومي ڪلاس جي گاڏي نمبر 4 ۾ گئس سلينڊر ۾ لڳل باهه حادثي جو سبب بڻي ۽ وڌيڪ 3 گاڏا به سڙي ويا رپورٽ ۾ بيان ڪيو ويو ته بوگي نمبر 4 ۾ 57 بوگي نمبر 3 ۾ 2 ۽ بوگي نمبر 5 ۾ هڪ مسافر سڙي فوت ٿيو زخمين جي حوالي سان فوڪل پرسن مطابق باغ وڪوٽوريه اسپتال ۾ 9 مان عورت سميت ٻن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ اهي آءِ سي يو وارڊ ۾ علاج هيٺ آهن جڏهن ته ٻين زخمين کي آرٿوپيڊڪ ۽ سرجيڪل وارڊز ۾ رکيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *