لڳي ٿو شبلي فراز کي پشاور ڌماڪي کان وڌيڪ گجرانوالا جلسي جي تڪليف آهي: سراج الحق

اسلام آباد(م.ڊ) جماعت اسلامي جي امير طرفان وفاقي وزير شبلي فراز تي تنقيد، سينيٽ اجلاس ۾ سراج الحق چيو آهي ته لڳي ٿو شبلي فراز کي پشاور ڌماڪي کان وڌيڪ گجرانوالا جلسي جي تڪليف آهي، پشاور ڌماڪي کان 3 ڏينهن پهرين ڳجهن ادارن آگاهه ڪري ڇڏيو هو، اُن باوجود حڪومت مدرسي کي سيڪيورٽي مهيا نه ڪئي، حڪومت اپوزيشن بدران دهشتگردن سان ويڙهه ڪري، حڪومت ٻڌائي ته پشاور ڌماڪي ۾ ڪير ملوث آهي، سراج الحق طرفان 2 ڏينهن کانپوءِ پشاور ڌماڪي تي بحث جي اجازت ملڻ خلاف به احتجاج ڪيو ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *