ڊرامن ۽ اشتهارن تي پابندي: پيمرا کي طريقيڪار تي هلڻ گهرجي: مهرين جبار

ڪراچي (شوبز نيوز) فلم ساز مهرين جبار جو چوڻ آهي ته ڊرامن ۽ اشتهارن تي پابندي لڳائڻ بابت هڪ باضابطا طريقيڪار هوندو آهي ۽ پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي پيمرا کي ان ئي طريقيڪار تي هلڻ گهرجي. مهرين جبار ان ڳالهه تي حيرت جو اظهار ڪيو ته تازو پيمرا ڪجهه ڊرامن ۽ اشتهارن تي پابندي لاڳو ڪري ٻيهر ان پابندي کي هٽائي ڇڏيو هو. نجي خابرو ويب سائيٽ جي رپورٽ موجب هن چيو ته پيمرا وارا پاڻ به مونجهاري ۾ آهن ۽ کين اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته پهريان جن ڊرامن ۽ اشتهارن تي پابندي لڳائي وئي ته پوءِ انهن تان پابندي هٽائي ڇو وئي؟ جرمن خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي هڪڪ سوال جي جواب ۾ مهرين جبار جو چوڻ هو ته هو پاڻ به ڪنهن قسم جي پابندين جي حامي نه آهي ڇو ته ڪنهن به مواد تي پابندي لڳائڻ جو مطلب ان مواد کي وڌيڪ وائرل ڪرڻ هوندو آهي. هن مواد تي پابندين بابت چيو ته سندس نظر ۾ اهو عمل درست ناهي. مهرين جبار پاڪستان ۾ فلمن تي پابندي ۽ ڪجهه مواد کي سينسر ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ته کيس لڳي ٿو ته اسان جي فلم انڊسٽري جو مسئلو ٻيو آهي. هن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن اهڙين فلمن تي به پابندي لڳائي وڃي ٿي جن تي پابندي نه لڳڻ گهرجي. اسان جي فلم انڊسٽري جو مسئلو سينسر بورڊ کانسواءِ ڪجهه ٻيو آهي. هن چيو ته دنيا ۾ هر هنڌ سينسر بورڊ هوندا آهن ۽ هجڻ به گهرجن پر اسان وٽ ڪجهه جاين تي لڳايل پابندي غلط هوندي آهي. هن چيو ته ماضي ۾ پاڪستان ۾ ڀارتي ۽ هالي ووڊ فلمون رليز ٿينديون هيون ته سينما انڊسٽري بحران جو شاڪر نه هئي پر هاڻي فلمون اچڻ به بند ٿي ويون آهن ان لاءِ اسان کي وڌ کان وڌ فلمون ٺاهڻ لاءِ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي. هن نوجوانن کي صلاح ڏني ته جن وٽ ڪو پليٽ فارم نه آهي اهي يوٽيوب تي مواد رليز ڪن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *