ليڊر اهو بڻجندو آجيڪو حق ۽ سچ ڳالهائيندو آ، نواز شريف سپريم ڪورٽ ۾ ڪوڙ ڳالهايون: عمران خان

اسلام آباد (م.ڊ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته اڄ اوهان کي ٻڌائيندس ته پاڪستان عظيم ملڪ ڪيئن بڻائڻو آهي، سڀ کان پهريان سچ ڳالهائڻ گھرجي، اسان کي سڀ کان پهريان پاڻ کي بدلائڻو پوندو، اسلام آباد ۾ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته چار خاصيتون ننڍن انسان کي وڏو بڻائينديون آهن، هڪ ڏينهن ايندو جو پارٽيءَ ۾نظم ۽ ضبط هوندو، جيڪو اڃا تائين نظر نه پيو اچي، ليڊر اهوئي بڻجندو آهي، جيڪو حق ۽ سچ ڳالهائيندو آهي، اهو سچ ناهي جيڪو نواز شريف سپريم ڪورٽ ۾ ڳالهائي رهيو آهي، جيڪو ڊڄندو آهي اهو وڏا فيصلا ناهي ڪري سگھندو، خيبرپختون خواهه ۾ سڀ کان وڌيڪ ڌيان تعليم تي ڏنو آهي، انصاف ڪندڙن جي دنيا ۾ عزت ڪئي ويندي آهي، تعليم يافتا معاشرو ئي عظيم معاشرو چورائيندو آهي، اسان نيب کي ٺيڪ ڪري رهيا آهيون، انسانن تي پيسا خرچ ڪرڻ ۽ ادارن جي مضبوطي ترقيءَ جي علامت آهي، ملڪ جا ادارا ۽ عدليا مڪمل آزاد ٿي ويا ته ڪرپشن ختم ٿي ويندي، آءِ ايس ايف ۾ ڊسيپلين تمام جلد ايندو. پي ٽي آءِ سربراهه جي خطاب کان اڳ ۽ خطاب دوران ڪارڪنن پاران بدنظميءَ جا واقعا پيش آيا، جڏهن ته عمران خان جي خطاب دوران ڪارڪن هڪ ٻئي ۾ هٿين به پئجي ويا. جنهن دوران عمران خان کين چپ ڪرائي ويهي رهڻ جون هدايتون پڻ ڪندو رهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *