ڪراچي ۾ ٽريفڪ ۽ ٻين حادثن ۾ 5 ڄڻا زندگيون وڃائي ويٺا

ڪراچي (اي پي پي) ڪراچي ۾ ٽريفڪ ۽ ٻين حادثن ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا. تفصيل موجب سائيٽ جي ٿاڻي جي حدن بلديا نمبر 2 ۾ ٽريفڪ پوليس چوڪي ويجهو اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار عرفان ٿڏي تي فوت ٿي ويو. شاهراه نورجهان ٿاڻي جي حدن شپ اونر ڪاليج ويجهو اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ 60 سالن جو گل رحيم فوت ٿي ويو. نبي بخش ٿاڻي جي حدن جوبلي چوڪ ويجهو واقع حاجي چانڊيو بلڊنگ ۾ ڏاڪڻين تان ڪري 65 سالن جو عبدالقيوم عباسي فوت ٿي ويو . سرجاني ٽائون ٿاڻي جي حدن لياري 36 بسم الله هوٽل ويجهو ڏاڪڻين تان ڪري 50 سالن جو ولي جان فوت ٿي ويو. قصبه ڪالوني ۾ نواب ڪم دوران ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *