لياري ۾ رينجرز ۽ پوليس جو سرچ آپريشن، 4 گينگ وار مارجي ويا, دستي بم حملي ۾ 4 ڄڻا زخمي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي لياري جي علائقي چاڪيواڙا ۾ پوليس ۽ رينجرز سان مقابلي ۾ گينگ وار سان تعلق رکڻ وارا 4 ڏوهاري مارجي ويا. ايس ايس پي سٽي فدا حسين مطابق چاڪيواڙا ۾  رينجرز ۽ پوليس جي سرچ آپريشن دوران  جوابدارن ۽  پوليس وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا. جن جو تعلق عزير بلوچ گروپ سان هو. جوابدار ڀتا خوري ۽ قتل جي  ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث هئا. انهن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.  لياري جي علائقي رانگي واڙا ۾ دستي بم حملي ۾ 4 ماڻهو زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ذريعن موجب دستي بم حملي ۾ زخمي ٿيڻ وارن ماڻهن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جن کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. پوليس جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *