جعلي ڊگريون ڪيس: ايگزيڪٽ مالڪ خلاف ڪيس داخل، رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي عدالت جعلي ڊگري اسڪينڊل ۾ ايگزيڪٽ ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو شعيب شيخ سميت ست ڊائريڪٽرز کي 4 جون تائين جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ايف آءِ اي طرفان جاچ پڙتال کان پوءِ ايگزيڪٽ جي سي اي او خلاف مني لانڊرنگ، جعلسازي ۽ اليڪٽرانڪ ٽرانزيڪشن  جا ڪيس داخل ڪرڻ بعد شعيب شيخ ۽ چيف آپريٽنگ آفيسر وقاص عتيق کي هٿڪڙيون هڻي جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ نور محمد جي عدالت /۾ پيش ڪيو ويو. ايف آءِ اي عدالت کي استدعا ڪئي ته معاملي جي وڌيڪ جاچ خاطر جوابدارن کي رمانڊ تي سندن حوالي ڪيو وڃي. عدالت ايف آءِ اي جي درخواست منظور ڪندي ايگزيڪٽ جي سيِ ايِ او شعيب شيخ ۽ چيف آپريٽنگ آفيسر وقاص عتيق سميت 7 ڊائريڪٽرز کي 4 جون تائين جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ايگزيڪٽ جي سربراهه شعيب شيخ عدالت آڏو دانهيو ته ايف آءِ اي کيس هيسائي رهي آهي، جنهن تي عدالت ايف آءِ اي کي جوابدار کي نه هيسائڻ جي هدايت ڪئي. ايف آءِ آر ۾ لاڳو ڪيل قلمن تحت مني لانڊرنگ ذريعي ٺاهيل ملڪيت مان جيڪي نوان ادارا جوڙيا ويا آهن اهي به سيل ٿي سگهن ٿا. قانوني ماهرن موجب ڪيسن ۾ 7 کان 35 سال قيد جي سزا به ٿي سگهي ٿي. ايف آءِ اي طرفان ايگزيڪٽ جا اڪائونٽ بند ڪرڻ لاءِ 31 بئنڪن کي نوٽيس به جاري ڪيا ويا آهن. ايف آءِ اي ايگزيڪٽ جي اهم ذميوارن جا اڪاوئنٽ بند ڪرڻ لاءِ به بئنڪن کي نوٽيس جاري ڪيا ويندا .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *