لوڌران چونڊن ۾ ن ليگ هر هنڌ پئسا خرچ ڪيا، اين آر او لاءِ عدليه تي مسلسل دٻاءُ وڌو پيو وڃي: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو اهي ته پرڏيهي پاليسي جي ناڪامي سبب پاڪستان جو نالو واچ لسٽ ۾ وڌو پيو وڃي. ڇوٽي ميان صاحب قتل ڪرائي ٿو کيس ڪوبه نٿو پڪڙي مون مٿان دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا شاهد خاقان ڪٺپتلي وزيراعظم آهي عدليه تي اين آر او لاءِ دباءُ وڌو پيو وڃي لوڌران ۾ اسان جو اميدوار حڪومتي اميدوار جي خلاف 91 هزار ووٽ کنيا خميس تي ايس ايس پي تشدد ڪيس ۾ هاضري کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته نوازشريف کي ڪرپشن ۾ سزا ٿيڻ جي سمورن ڪرپٽ عنصرن کي خوف اهي جڏهن ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪٺپتلي آهي عمران خان چيو ته دولت ملڪ کان ٻاهر کڻي ويا آهن ۽ ڊرامو ڪيو پيو وڃي ته مون کي ڇو ڪڍيو ڪوئي شڪ نه آهي ته هي سمورو ڪرپشن مافيا آهي پهريان نه ڪڏهن سندس چوري ۽ نه ئي جرم پڪڙيو ويو پر هاڻي فرد جرم کان بچڻ لاءِ ڪروڙين رپيا خرچ ڪري جلسا ڪرايا پيا وڃن هن چيو ته لوڌران جي ضمني چونڊن ۾ پئسا خرچ ڪيا ويا ۽ ماڻهن کي قيمي وارا نان کارائي جلسا ڪرايا پيا وڃن ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران هيليڪاپٽر گذرڻ تي عمران خان دلچسپ تبصرو ڪندي چيو ته هن هيليڪاپٽر م ميان صاحب ته نه پيو گذري جنهن تي اتي وڏا ٽهڪ ڏنا ويا عمران خان چيو ته ملڪ جو نالو عالمي دهشتگردي جي واچ لسٽ ۾ وڌو پيو وڃي ۽ حڪومت هڪ ڪرپٽ کي بچائڻ ۾ مصروف آهي ملڪي پرڏيهي پاليسي جي ڪمزوري جي ڪري اڄ هي صورتحال آهي اهو به ٻڌو آهي ته ڪنهن ملڪ جو پرڏيهي وزير ڪنهن ٻئي ملڪ کان 16 لک رپيا پگهار وٺندڙ هجي عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف جي اميدوار علي ترين لوڌران جي ضمني چونڊ ۾ سخت مقابلو ڪيو ۽ حڪومتي اميدوار جي خلاف 91 هزار ووٽ کنيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *