ڪرپشن ريفرنس ۾ شرجيل ميمڻ سميت 12 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

ڪراچي (اين اين آءِ) مقامي احتساب عدالت سڌسماءَ واري کاتي ۾ پوڻا ڇهه ارب ڪرپشن ڪيس ۾ شرجيل ميمڻ سميت ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪندي ٻڌڻي 3 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي خميس تي ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي شرجيل ميمڻ سميت ڪيس ۾ نامزد 12 جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا عدالت ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ شرجيل ميمڻ سميت ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو جج عدالت جي ڪمري ۾ موجود جوابدارن کي فرد جرم پڙهي ٻڌايو جڏهن ته جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو جنهن تي عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي گهرائي ورتو آهي. شرجيل ميمڻ سان گڏ فرد جرم لاڳو ٿيندڙ جوابدارن ۾ ذوالفقارعلي شلواڻي، يوسف ڪابورو، انعام اڪبر، سلمان منصور، منصور احمد راجپوت، گلزار علي، منصور هاشمي الطاف حسين ميمڻ، عمر شهزاد، سيد نويد، ۽ مسعود هاشمي شامل آهن. فرد جرم لاڳو ٿيڻ تي جوابدار انعام اڪبر جي وڪيل پاران اعتراض داخل ڪيو ويو اعتراض ۾ ڄاڻايو ويو ته ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو نٿو ٿئي منهنجي درخواست ٻڌي وڃي جنهن کان پوءِ احتساب عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 3 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *