لنڊن: اسپاٽ فڪسنگ ۾ ملوث رانديگر ناصر جمشيد ضمانت تي آزاد

لنڊن(اسپورٽس نيوز) اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ ملوث رانديگر ناصر جمشيد کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو.برطانوي ميڊيا جي رپورٽ موجب مانچسٽر جي ڪرائون ڪورٽ ناصر جمشيد طرفان داخل ڪيل ضمانت تي آزادي جي درخواست ڪئي. عدالت ناصر جمشيد کي ڊي پورٽ ناهي ڪيو يعني پاڪستاني رانديگر انگلينڊ ۾ رهي پنهنجي بي دخلي جو ڪيس وڙهي سگهي ٿو.ياد رهي ته ناصر جمشيد کي اسپاٽ فڪسنگ ۾ ملوث ٿيڻ تي هلندڙ سال فيبروري ۾ 17 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي هئي ۽ هو  پنهنجي اڌ سزا مڪمل ڪري چڪو آهي.ناصر جمشيد جي گهر واري برطانوي شهري آهي ۽ رانديگر هن وقت برطانيه ۾ اسپاوز ويزي تي موجود آهي. برطانوي قانون موجب جيڪڏهن ڪنهن غير برطانوي شهري کي 12 مهينا قيد جي  سزا ٿي وڃي ته کيس ڊي پورٽ ڪيو ويندو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *