لاهور : داتار درٻار ٻاهران خودڪش ڌماڪو، 5 اهلڪارن سميت 10 ڄڻا شهيد، 25 زخمي

لاهور (اين اين آءِ) حضرت سيد علي بن عثمان الهجويري حضرت داتا گنج بخش جي مزار ٻاهران آپگهاتي ۾ ڌماڪي ۾ ايلٽ فورس جي 5 اهلڪارن سميت 10 شهيد، جڏهن ته 25 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جنهن سبب شهيدن جي انگ ۾ واڌ جو خدشو آهي، پنجاب جي قانون واري وزير راجا بشارت چيو آهي ته عام ٿريڊ الرٽ موجود هو جنهن سبب سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا، وزيراعظم عمران خان ڌماڪي جي سخت مزمت ڪندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي، وڏي وزير جي صدارت هيٺ هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو جنهن ۾ ڌماڪي جي حوالي سان شروعاتي رپورٽ جو جائزو ورتو ويو، اکين ڏٺن شاهدن موجب اربع جي صبح اٽڪل 8 لڳي 54 منٽن تي داتا درٻار جي گيٽ نمبر 2 تي ايلٽ فورس جي گاڏي ويجهو هڪ ڌماڪو ٿيو. ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو جڏهن ته ڀرسان بيٺل گاڏين ۽ عمارتن کي سخت نقصان ٿيو، اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ريسڪيو ادارن جون ٽيمون ٿڏي تي پهتيون جن ڌماڪي واري هنڌ ۽ ڀرپاسي واري علائقي کي ڪڙو چاڙهي ورتو، امدادي ٽيمن شهيدن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو، ريسڪيو ذريعن موجب ڌماڪي ۾ 10 ڄڻا شهيد جڏهن ته 25 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، واقعي کانپوءِ لاهور جي سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. راجا بشارت ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته اهڙن واقعن سان بمبارن کي ڪو به مسلمان تصور نٿو ڪري سگهي، اهڙن ماڻهن جو ملڪ ۽ مذهب سان ڪو به تعلق نه آهي، هي افسوسناڪ واقعو آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، هن چيو ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي ذميواري آهي، هن چيو ته شروعاتي جاچ ٿي رهي آهي، شاهديون مليون آهن ته شايد آپگهاتي ڌماڪو هو، پر هي مڪمل طور تي نٿو چئي سگهجي، ڌماڪي بابت پنجاب جي آءِ جي عارف نواز ٻڌايو ته اٽڪل 7 ڪلو کان وڌيڪ ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو ويو ۽ ان ۾ پوليس کي نشانو بڻايو ويو، هن چيو ته ڌماڪو آپگهاتي هو ۽ بمبار جي جسم جا عضوا ملي ويا آهن، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا جاچ ڪري رهيا آهن، ٻئي پاسي ڊي آءِ جي آپريشن محمد اشفاق چيو ته ڪنهن کي به داتا درٻار اندر داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني پئي وڃي، جيڪي ماڻهو داتار درٻار ۾ موجود هئا انهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو، هن چيو ته پوليس قرباني ڏئي رهي آهي، شهرين جي حفاظت اسان جو فرض آهي ۽ اهو فرض ادا ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته هي پاڪستان جي انهن مزارن مان هڪ آهي جتي عقيدتمندن جو وڏو انگ موجود هوندو آهي، صدر عارف علوي، وزيراعظم عمران خان، وڏي وزير عثمان بزدار ۽ ٻين ڌماڪي جي مزمت ڪندي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، وزيراعظم عمران خان داتا درٻا ڀرسان ايلٽ فورس جي گاڏي تي حملي جي سخت مزمت ڪندي قيمتي انساني جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، وزيراعظم زخمين کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته شهيدن جي وارثن سان ٻڌي جي اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي. فردوس عاشق اعواڻ، شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سميت ٻين سياسي اڳواڻن ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي، بلاول ڀٽو ڌماڪي ۾ ٿيل قيمتي جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته داتا درٻار حملي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *