وفاق جي ناڪامي سبب صوبن جو ڏيوالو پيو نڪري، حڪومت آءِ ايف ايف اڳيان جهڪيل آهي: بلاول

اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف سان ڊيل پارليامينٽ ۾ پيش نه ڪئي وئي ته ايوانن اندر ۽ ٻاهر احتجاج ڪنداسين، وفاقي حڪومت ٽيڪس اڳاڙي نٿي سگهي ته ڪم سنڌ کي ڏنو وڃي، سئو سيڪڙو هدف پورو ڪنداسين، ٽيڪس اڳاڙي ۾ وفاقي حڪومت جي ڪاڪردگي خراب آهي، 18 هين ترميم خلاف بيان ڏيڻ وفاق تي حملو آهي، هي ڪيڏو نه بزدل وزيراعظم آهي جو ڪنهن کي جواب نٿو ڏئي سگهي، عوام حڪومت جي نااهلي جو بار ڪيسيتائين کڻندو، جهانگير ترين ڊپٽي وزيراعظم بڻجي ويو آهي، کيس مبارڪ ڏيان ٿو، اربع تي پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف سان ڊيل پارليامينٽ مان منظور نه ڪرائي وئي ته اسان ان کي رد ڪنداسين، آءِ ايم ايف سان ٿيندڙ معاهدو پارليامينٽ ۾ نه آندو ويو ته احتجاج ڪنداسين، بلاول ڀٽو چيو ته پ پ به آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو، جڏهن ته ملڪ جي معيشت تي ڪا سوديبازي نه ڪئي، آءِ ايم ايف کان پگهار وٺندڙ کي اسٽيٽ بينڪ جو گورنر مقرر ڪيو ويو آهي، هن چيو ته معاشي بحران ۾ حڪومت ملڪ جي غريب عوام کي اڪيلو ڇڏي ڏنو آهي، سياسي استحڪام سان ئي معاشي استحڪام ايندو آهي پر حڪومت سياسي استحڪام نٿي چاهي تنهنڪري معاشي استحڪام نه پيو اچي، هن چيو ته جيڪڏهن وزيراعظم ناڻي وزير سان مليو ئي نه هو ته هي فيصلا ڪير ڪري رهيو آهي، ڪٿي ائين ته نه آهي ته آءِ ايم ايف فيصلا ڪري رهيو آهي، آءِ ايم ايف فيصلا ڪندو ته ناڻي وزير ۽ اسٽيٽ بينڪ جو گورنر ڪير ٿيندو، آءِ ايم ايف جي ڳالهه مڃيندي ايف بي آر جي چيئرمين کي به هٽايو ويو، هن چيو ته اهڙي صورتحال ۾ معيشت کي نقصان ته ٿيندو، اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته عام ماڻهو ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي، وزيراعظم چوي ٿو ته 18 هين ترميم سبب وفاق جو ڏيوالو نڪري ويو آهي، 18 هين ترميم خلاف بيان ڏيڻ وفاق تي حملو آهي، وفاق پنهنجا هدف حاصل نه پيو ڪري وفاق جي ناڪامي سبب صوبن جو ڏيوالو نڪري رهيو آهي، سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس سنڌ مان وصول ٿي رهي آهي، صوبي وٽ اختيار آهي ته اهو سيلز ٽيڪس وٺي سگهي ٿو، وفاقي ٽيڪس ڪليڪشن جو اختيار سنڌ حڪومت کي ڏئي ڇڏيو، سئو سيڪڙو هدف حاصل ڪنداسين. پ پ چيئرمين حڪومت تي زور ڀريو ته اها ڪمزور طبقي جو خيال رکي ۽ چيو ته اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته ماڻهو سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ٻِئي طرف پ پ جي ڪو چيئرمين ۽اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته غير پاڪستاني کي اسٽيٽ بينڪ جو گورنر مقرر ڪرڻ غلط آهي، پرڏيهي کي اسٽيٽ بينڪ جو گورنر مقرر ڪرڻ پاڪستان جي تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو، خبر نه آهي ڪنهن جي اين آر او جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، خان پاڻ کي اين آر او ڏئي رهيو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ کانپوءِ صحافي سوال ڪيو ته رات ن ليگ لاهور ۾ پاور شو جو مظاهرو ڪيو، ڇا ڪا سياسي تبديلي ڏسي رهيا آهيو، جنهن تي آصف زرداري چيو ته مان ته ڪا تبديلي نه پيو ڏسان ڇا توهان کي نظر اچي رهي آهي، صحافي سوال ڪيو ته پرڏيهي وزير چوي ٿو ته جيڪو قرض ڏئي ٿو اهو هدايتون به ڏيندو آهي، آصف زرداري چيو ته ٻاهرين ماڻهو کي پاڪستان جي اسٽيٽ بينڪ جو گورنر مقرر ڪرڻ وڏي غلطي آهي، صحافي سوال ڪيو ته خان صاحب لڳاتار چئي رهيو آهي ته اين آر او نه ڏيندس، ڪير گهري رهيو آهي اين آر او، آصف زرداري جواب ڏنو ته خان صاحب ڪٿي پاڻ کي اين آر او نه ڏئي ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *