قوم ڌرڻن کان نٿي ڊڄي، ناجائز احتجاج ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي: چيف جسٽس ثاقب نثار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ مري ۾ غير قانوني اڏاوتن تي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس ۾ معاملا درست ڪرڻ لاءِ 15 ڏينهن جي مهلت ڏني وئي آهي، چيف جسٽس احتجاج ڪندڙن بابت ريمارڪس ۾ چيو ته احتجاج ڪرڻ وارا ڪن، قوم ڌرڻن کان ناهي ڊڄندي، پر ناجائز ڌرڻن ۽ احتجاج ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ مري ۾ غير قانوني اڏاوتن جي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سرڪاري وڪيل گذريل ڏينهن واري ٻڌڻي ۾ مري ۾ اعلان ڪرائڻ واري اعلان بابت ٻڌائيندي چيو ته 125 ماڻهن کي نوٽس جاري ڪيا ويا آهن، 35 عمارتون ڊاهي پٽ ڪيون ويون، چيف جسٽس چيو ته قانون جي خلاف اڏاوتن تي ڪارروائي ٿيندي، مري ۾ ماضي جا جبل ناهن رهيا. چيف جسٽس 15 ڏينهن ۾ معامل  درست ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته راجا مدد ڪندو ته ائين نه ٿيندو. غير قانوني عمارتن تي سمجهوتو نه ٿيندو. مڪمل قانوني اختيار ڏنا ويندا. غير قانوني اڏاوتون ڪندڙن سان ڪا رعايت نه ڪئي ويندي سچ ڳالهائڻ کي نقصان نه ٿيندو. عدالت مري پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ٽن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *